Yaqeen Ki Barkatain

Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

پيارا اسلامي ڀائرو! ايمان ۽ يقين جو هڪ ٻيو بيمثال واقعو ٻڌو! 3 ماڻهن جو هڪ قافلو هيو، ملڪ شام کان روانو ٿيو، ان قافلي ۾ * هڪ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام * هڪ سندن زوجهءِ مُحترمه حضرت هاجره رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡها * هڪ سندن ننڍڙا صاحبزاده اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام هئا. حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام به انهن سان گڏ هئا جيڪي رستو ٻڌائي رهيا هئا.

هاڻي ٿورو غور ڪيو! حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي عمر مبارڪ 90 سال کان به مٿي هئي، اُن وقت کين پٽ عطا ٿيو، هاڻي حڪم ٿيو ته اي ابراهيم! پنهنجي پٽ ۽ سندس امڙ کي غيرآباد زمين ۾ ڇڏي اچو! حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي اطاعت جو جذبو ڏسو! پنهنجي سڪيلڌي ۽ کيرپياڪ شهزادي کي وٺي غيرآباد زمين ۾ ڇڏڻ جي لاءِ وڃي رهيا آهن ۽ ڪمال ڏسو! روايتن ۾ آهي: حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام اطاعت جي شوق ۽ محبت ۾ باربار پڇن پيا: اي جبريل! ڇا اسان منزل تي پڄي وياسين؟ حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪن پيا: اي الله پاڪ جا نبي عَلَيۡهِ السَّلَام  اڃان ناهيون پهتا.

ايئن ئي، هلندي هلندي هڪ ويران وادي آئي، هتي نه پاڻي هو، نه کاڌو هو، پري پري تائين ڪو انسان ته ڇا پکي به نظر نه ايندو هو، هتي هڪ وڏو جبل به هو.. هي ڪهڙي جاءِ هئي؟ جتي مڪي شريف جو مبارڪ شهر هو ۽ هي جبل اهو مقام هو، جتي اَڄ ڪعبو شريف موجود آهي... هتي پهچي ڪري حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: اي الله پاڪ جا نبي عَلَيۡهِ السَّلَام! هي ئي اها جاءِ آهي. هاڻي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام سُواري تان لٿا، پنهنجي ننڍڙي شهزادي ۽ زوجهءِ محترمه کي هتي ويهاريو، ٿورو پاڻي، ٿوريون کجورون ڏئي واپس وڃڻ لڳا! هاڻي حضرت هاجره رَضِىَ اللهُ عَنْها پويان آيون، عرض ڪيو: اي الله پاڪ جا نبي عَلَيۡهِ السَّلَام! اسان کي ڪنهن جي آسري ڇڏيو ٿا وڃو؟ پاڻ خاموش رهيا. وري پڇيائون: اي الله پاڪ جا نبي عَلَيۡهِ السَّلَام! اسان کي ڪنهن جي آسري ڇڏيو ٿا وڃو؟ پاڻ وري خاموش رهيا. حضرت بيبي هاجره رَضِىَ اللهُ عَنْها ٽيون ڀيرو پڇيو ۽