Yaqeen Ki Barkatain

Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

عمل ڪرڻ جي طرف وڌو! الله پاڪ دنيا ۾ به ترقي ڏيندو، قبر و آخرت ۾ به نور نصيب فرمائيندو.

چور قطب ڪيئن بڻيو...؟

علامه ارشد القادري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ واقعو لکيو آهي، نهايت خوبصورت آهي، مختصر ڪري ٻڌايان ٿو: عبدالله نالي هڪ ڌاڙيل هيو، الله پاڪ کيس هدايت ڏني، ان کي قبر ۽ آخرت جي ياد آئي، اُن پنهنجي گناهن تي غور ڪيو ته کيس فڪر ٿي ته مان پاڻ کي نيڪ راھ جو مسافر ڪيئن بڻايان؟ جيئن ته ٻه چار ماڻهن کان مشورو ڪيائين، ڪنهن اُن کي چيو: جيڪڏهن  توهان سڌرڻ چاهيو ٿا ته پهريان مرشد ڳولهيو، اهو توکي الله پاڪ جي راھ تي هلائيندو، هاڻي سوال اهو پيدا ٿيو ته مرشد ڪٿي ڳولهجي؟ مشورو ڏيڻ وارو به ڪو عام انسان هو، ان چيس: الله پاڪ تي يقين رکي ڪري مرشد جي تلاش ۾ نڪري پئو، جنهن تي تنهنجي دل مطمئن ٿي وڃي ته هي پير آهي، ان کي پنهنجو مرشد بڻائي وٺجان. جيئن ته جڏهن رات ٿي، اُن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سچّي دل سان روئي روئي ڪري توبه ڪئي، آڌي رات جو پير جي تلاش ۾ نڪري پيو، ڳوٺ کان ٻاهر چوڪ تي پهتو ته هڪ شخص ايندي نظر آيو ان ذهن بڻايو ته هي ئي پير آهي، مان انهي جو مريد بڻجندس پر جيڪو سامهون اچي رهيو هو، اهو ڪو پير نه بلڪ چور هو، رات جي وقت چوري جي اِرادي سان نڪتو هو، ان جو ڇوته ذهن بڻيل هو، جڏهن ته جيئن ئي اهو چور ويجهو آيو، اُن سندس دامن پڪڙي ورتو پير صاحب! مون کي پنهنجو مريد بڻايو! پير صاحب! مون کي پنهنجو مريد بڻايو! ربّ جي راھ تي لڳايو!

اهو ته هو چور.....!! ان کي پنهنجي فِڪر ٿيڻ لڳي ته مان ڪٿي پڪڙجي نه پوان. خير! ان جان ڇڏائڻ جي لاءِ چئي ڇڏيو: پٽ! مون توکي پنهنجو مريد بڻائي ڇڏيو. هاڻي مان وڃي رهيو آهيان، هتي ئي بيهجان، مان واپس اچي ڪري توکي الله پاڪ جي راھ تي لڳائي ڇڏيندس.