Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

غلط ناهي ٿيندو. ڪنهن شاعر ڇا خوب چيو آهي:

اگر شاہ رَوْزِ رَا گَوْیَد شَبْ اَسْت اِیْں                                                                            بَیَایَد گُفَتْ اِیْں کَہْ مَاہ و پَروِیْں

مفهوم: جيڪڏهن بادشاھ ڏينهن جي وقت کي چئي ته هي رات آهي ته چوڻ گهرجي: جي ها! هي ڏسو! چنڊ تارا نظر اچي رهيا آهن.

ڪامل يقين جون برڪتون

پيارا اسلامي ڀائرو! هي سمجهڻ جي ڳالھ آهي، اسان جي سمجھ ۾ ڪجھ اچي ٿو يا نٿو اچي، اسان جي ننڍي عقل ڪنهن ڳالھ جي آخر تائين پهچي سگهي ٿي يا نٿي پهچي سگهي جيڪا ڳالھ الله ۽ رسول فرمائي ڇڏي، اها حق آهي، جيڪڏهن اسان جي سمجھ ۾ ڪجھ نٿو اچي ته اهو اسان جي سمجھ جو قصور آهي. انهيءَ ڪري اسان کي يقين اپنائڻ گهرجي، ڪامل يقين جون کوڙ برڪتون آهن.

پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: ماڻهن کي هن دنيا ۾ سڀني کان بهترين شيءِ يقين ۽ عافيت عطا ڪئي وئي آهي، لهٰذا الله پاڪ کان انهن ٻنهي شين جي باري ۾ سوال ڪندا ڪيو....!!

حضرتِ امام حسن بصري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هي حديث پاڪ بيان ڪئي، پوءِ فرمايائون: رسولِ اڪرم، شاھ بني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سچ فرمايو: * يقين ئي جي برڪت سان جنت ملي ٿي، * يقين ئي جي برڪت سان انسان جهنم کان پري ڀڄي ٿو * يقين ئي جي برڪت سان فرائض پورا پورا ادا ڪري ٿو * يقين ئي جي برڪت سان انسان ايمان تي ثابت قدم رهي ٿو * ۽ عافيت ۾ وڏي ڀلائي رکي وئي آهي. ([1]) 


 

 



[1] موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الیقین ، جلد:1، صفحہ:26، حدیث:13