Yaqeen Ki Barkatain

Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

اسان کي دنيا کان بي رغبتي نصيب فرمائي. ڪاش! ڪامل ايمان ۽ مضبوط يقين نصيب ٿي وڃي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم:  هڪ ڏينهن راھ خدا ۾

پيارا اسلامي ڀائرو! دل ۾ الله ۽ رسول جي محبت وڌائڻ، ايمان ۽ يقين کي مضبوط ڪرڻ ۽ دين ۽ دنيا جون ڀلايون ميڙڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! 12 ديني ڪمن ۾ به خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ! کوڙ برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هفتيوار هڪ ديني ڪم: هڪ ڏينهن راھ خدا ۾ به آهي. * الحمد لله! دعوت اسلامي وارا عاشقانِ رسول ڳوٺن ٻهراڻين ۾ وڃي ڪري نيڪي جي دعوت عام ڪندا آهن. * جمعي يا آچر واري ڏينهن اسلامي ڀائر اهڙن علائقن ۽ ڳوٺن جي اطراف ۾ ويندا آهن. جتي 12 ديني ڪم شروع ڪرڻ يا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي حاجت هوندي آهي *اُتي مسجد ۾ قيام ڪيو ويندو آهي.* طئي ڪيل جدول جي مطابق ڪنهن هڪ نماز کان بعد مسجد کان ٻاهر وڃي ويجهي گهرن ۽ دڪانن تي نيڪي جي دعوت ڏني ويندي آهي.
* عاشقانِ رسول کي هٿو هٿ مسجد ۾ اچڻ جي ترغب ڏياري ويندي آهي مثال طور * اچو! اوهان به اسان سان گڏ مسجد هلو! اِنْ شَآءَ اللہُ! *علمِ دين سکڻ جي لاءِ ملندو. *نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو ثواب نصيب ٿيندو. * راھِ خدا ۾ نڪرڻ جي سعادت ملندي. حديث پاڪ جو خلاصو آهي: جيڪو قدم راھِ خدا ۾ خاڪ هاڻو ٿيندو، ان کي جهنم جي باھ نه ڇُهندي.(مسند امام احمد،جلد:6، صفحہ:507، حدیث:16356خلاصۃً۔). * جيڪو شخص الله پاڪ جي رضا جي لاءِ پنهنجي مسلمان ڀائرن ڏانهن ڳوٺن ۾ وڃي حديث پاڪ ۾ ان جي لاءِ جنت جي بشارت آهي.( معجم اوسط،جلد:1، صفحہ:472، حدیث:1743۔)