Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                   جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

منڊي جي باري ۾ سنتون ۽ آداب

پيارا اسلامي ڀائرو!مرد کي سوني منڊي (Gold) پائڻ حرام آهي، نبي ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سوني منڊي پائڻ کان منع فرمايو، * سون ۽ چانديءَ جا زيور نابالغ (يعني تمام ننڍي) ڇوڪري کي پائڻ حرام آهي ۽ ان کي پارائڻ وارو گنهگار ٿيندو، اهڙيءَ طرح ٻارن (يعني ڇوڪرن) جي هٿن ۽ پيرن تي بغير ضرورت جي مهندي لڳائڻ ناجائز آهي، عورت پاڻ پنهنجن هٿن پيرن تي مهندي لڳائي سگھي ٿي، پر ڇوڪري کي لڳائيندي ته گنهگار ٿيندي، * لوھ جي منڊي جهنمين جو زيور آهي * مرد جي لاءِ اها ئي منڊي جائز آهي جيڪا مردن جي منڊيءَ وانگر هجي، يعني فقط هڪ ٻُڙي جي هجي، جيڪڏهن ان ۾ هڪ کان وڌيڪ ٻڙا هجن، جيتوڻيڪ اها چانديءَ جي ئي هجي، مرد جي لاءِ ناجائز آهي، * ٻڙي کان سواءِ منڊي پائڻ نا جائز آهي، ڇو ته اها منڊي نه ڇلو آهي، * چانديءَ جي هڪ منڊي هڪ ٻڙي سان پائڻ جائز آهي، جنهن جو وزن ساڍا 4 ماشه (يعني 4 گرام 374 ملي گرام) کان گهٽ هجي، عيدُن ۾ منڊي پائڻ مستحب آهي، پر مردن کي اها ئي جائز منڊي پائڻ گهرجي، * مرد کي منڊيءَ جو ٻڙو هٿ جي تريءَ ڏانهن رکڻ گهرجي ۽ عورت جي منڊيءَ جو ٻڙو هٿ جي پٺيءَ پاسي رکڻ هرجي، * چانديءَ جو ڇلو خاص عورتن جو لباس آهي مردن لاءِ مڪروھ (تحريمي، ناجائز ۽ گناهه آهي) * عورت


 

 



[1]...تاریخ  مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔