Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي جيڪي ڏينهن هلي رهيا آهن، ذُوالقَعدةِ الحَرام جو مهينو جاري آهي، عنقريب ذُوالحج شريف تشريف کڻي ايندو، اِنْ شَآءَ اللہُ عاشقانِ رسول سُنّت ابراهيمي کي ادا ڪرڻ جي لاءِ قربانيون ڪندا، ڪي خوش نصيب حج جي لاءِ به پهچي چڪا آهن ۽ ڪي پهچي رهيا آهن، اُتي به حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام، حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ حضرت هَاجره يعني آلِ ابراهيم عَلَيۡهِم السَّلَام جون يادون ملهايون وينديون آهن.

  هي مبارڪ ڏينهن اسان کي خاص طور تي ايمان ۽ يقين جو سبق ڏين ٿا، الله پاڪ تي، ان جي رحمت تي، ان جي عطائن تي، پڪّو يقين رکڻ، بغير ڏسڻ جي الله پاڪ کي مڃڻ، ان جي وعدي تي انتهائي مضبوط يقين رکڻ، هي هنن برڪتن وارن ڏينهن جو خصوصي سبق آهي. حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي پاڪيزه سيرت کي ڏسو! بي مثال ايمان ۽ يقين کان ڀري پئي آهي.

باه گُلن جو باغ بڻجي وئي....!!

 واقعو وڏو مشهور آهي، اوهان کوڙ دفعا ٻڌو به هوندو، قرآن ڪريم ۾ به هن واقعي جي ڪجھ تفصيل بيان ڪئي وئي آهي، نَمرود وقت جو ظالم بادشاھ هو، اُن جي هڪ وڏي سَلطَنت هئي، هي بدبخت خُدائي جي دعوا ڪري چڪو هو، اَسْتَغْفِرُاللہ ماڻهو سندس پوڄا ۾ مصروف هئا، يعني هڪ پاسي پوري سلطنت آهي، ٻئي طرف اڪيلا حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام، اهڙي ماحول ۾ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام اڪيلي حق جو ڪلمو بلند فرمايو، ماڻهن کي نيڪي جي