Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

وڃي ٿي. اهو ڏسي مان روئي پيس ۽ الله تعالي جي بارگاهه ۾ عرض ڪيو: اي منهنجا رب پاڪ! هڪ طرف هي نانگ آهي جنهن کي مارڻ جو حڪم تنهنجي نَبي مُحترم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ڏنو آهي، پر جڏهن تو ان جون اکيون وٺي ڇڏيون ته ان جي گذاري جي لاءِ هڪ جهرڪي مقرر فرمائي ڇڏي، ٻئي طرف مان تنهنجو مسلمان ٻانهو هجڻ جي باوجود مسافرن کي ڊيڄاري ۽ ڌمڪائي ڪري ڦر ڪريان ٿو. انهيءَ وقت غيب مان هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو: اي فلاڻا! توبهه جي لاءِ منهنجو دروازو کليل آهي. اهو ٻُڌي مان پنهنجي تلوار ٽوڙي ڇڏي ۽ چوڻ لڳس: ”مان پنهنجي گناهن کان توبهه ڪئي، مان پنهنجي گناهن کان توبهه ڪئي“. پوءِ اُهو ئي غيبي آواز ٻُڌڻ ۾ آيو: ”اسان تنهنجي توبهه قبول ڪري ڇڏي آهي“. جڏهن مون پنهنجي ساٿين وٽ اچي اهو واقعو ٻڌايو ته چوڻ لڳا: اسان به پنهنجي پياري پياري الله پاڪ سان صلح ڪريون ٿا. ۽ پوءِ ته انهن به سچي دل سان توبهه ڪئي ۽ سڀ حج جي ارادي سان مڪه مڪرمه جي طرف هليا. ٽي ڏينهن سفر ڪندي هڪ ڳوٺ ۾پهتاسين، ته اتي هڪ نابينا پوڙهي عورت ڏٺي جيڪا منهنجو نالو وٺي پڇڻ لڳي ته ڇا هن قافلي ۾ اهو به آهي؟ مون اڳتي وڌي ڪري چيو: جي ها! اهو مان ئي آهيان چئو ڇا ڳالهه آهي؟ پوڙهي اٿي ۽ گهر جي اندران ڪپڙا کڻي آئي ۽ چوڻ لڳي: ڪجهه ڏينهن ٿيا آهن ته منهنجو نيڪ پٽُ انتقال ڪري ويو آهي، هي انهيءَ جا ڪپڙا آهن. مون کي ٽي راتيون لڳاتار سرور ڪائنات صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن خواب ۾ تشريف کڻي آيا تنهنجو نالو وٺي ارشاد فرمايائون ته ”هو اچي رهيو آهي، هي ڪپڙا ان کي ڏئي ڇڏجو.

(روض الرياحين، ص 232)

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! ربّ ڪريم جو ڇا ته نرالو شان آهي...!! جيڪو مالڪ ڪريم هڪ انڌي نانگ جي روزيءَ جو انتظام جهرڪي جي ذريعي ڪري سگهي ٿو، ڇا اهو اسان ٻانهن کي، غلامانِ مصطفيٰ کي ايئن ئي بي سهارو ڇڏي ڏيندو....؟ نه....!! نه. رزق جو ذمّو هن مالڪ پنهنجي ڪرم تي کنيو آهي ۽ هو ضرور نوازيندو آهي.