Yaqeen Ki Barkatain

Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي لاءِ گلن جو باغ بڻجي وئي هئي. پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جو هي عظيم الشان معجزو ڏسي ڪري ڪيترائي ماڻهو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويا.

 پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي ايمان ۽ يقين جي برڪت...!! ڊاڪٽر اقبال چئي ٿو:

آج بھی ہو جو ابراہیم سا اِیْماں پیدا                                                                              آگ کر سکتی ہے اَندازِ گُلستاں پیدا

پيارا اسلامي ڀائرو! هي صرف شاعراڻي ڳالھ ناهي، حقيقت آهي جڏهن ايمان پڪّو ٿي وڃي، يقين مضبوط ٿي وڃي، ربّ ڪريم جون رحمتون ضرور نصيب ٿي وينديون آهن.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                     صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

حضرت اَبُو مُلسم خولاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو يقين

حضرت ابو مسلم خولاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن کي هن اُمت جو حڪيم چيو وڃي ٿو، پاڻ تابعي بُزرگ آهن، يمن جا رهاڪو هئا. سندن دور ۾، سندن علائقي جي اَسَود عَنسِي نالي بدبخت نُبُوَّت جي ڪوڙي دعوا ڪئي، اَسوَد عنسي هڪ ڏينهن کيس زبردستي پاڻ وٽ گهرائي پڇيو: ڇا تون گواهي ڏين ٿو ته مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم الله پاڪ جا رسول آهن؟ فرمايائون: هائو، بلڪل(حضرت مُحمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم الله پاڪ جا سچا نبي آهن، منهنجا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهن، مان سندن تي ايمان رکان ٿو) اَسوَد وري پڇيو: ڇا توهان گواهي ڏيو ٿا ته مان الله پاڪ جو رسول آهيان؟ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه (نهايت سادگي سان) فرمايو: مون ناهي ٻڌو ته تون ڇا ٿو چئين. هي ٻڌي ڪري اَسوَد عَنسي کي ڪاوَڙ آئي، ان فوراً حڪم جاري ڪيو ته هڪ وڏي ۽ خوفناڪ باھ ٻاري وڃي. ان جي ساٿين يڪدم باھ ٻاري. هاڻي حڪم ڏنائين: ابومسلم کي هن ٻرندڙ باھ ۾ اڇليو وڃي. سو سندن کي هن ٻرندڙ خوفناڪ باھ ۾ وڌو ويو.

پر واھ سُبْحٰنَ اللہ! جهڙي طرح  الله پاڪ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام تي باھ کي ٿڌو