Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

هي چئي ڪري اهو چور هليو ويو، هي پنهنجي پير صاحب جو حڪم سمجهي ڪري اُتي ئي بيهي رهيو، هڪ ڏينهن گذري ويو، پير صاحب نه آيو، ٻيو ڏينهن گذري ويو، پيرصاحب نه آيو، سندس گهر وارا آيا، چوڻ لڳا گهر هلو! هتي رستي ۾ نه بيهو. دوست آيا اهي به سمجهائيندا رهيا پر ان جي طلب سچّي هئي، لڳن پڪّي هئي، جنون هيو ته مون کي نيڪ بڻجڻو آهي ۽ پير ئي مون کي نيڪ بڻائيندو، پير صاحب چئي ويا آهن ته هتي ئي بيهجو، لهٰذا مان هتي ئي رهندس. پير ته حقيقت ۾ هڪ چور هيو. ان کي نه اچڻو هو، نه ئي وري آيو. عبدالله ته ان جي انتظار ۾ راهون تڪي رهيو هو ته اجهو ٿو مرشد موٽي اچي.

قسمت ڏسو! هوڏانهن اهو چور چوري ڪرڻ جي اِرادي سان حضُور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي گهر ۾ گهڙي پيو، اندر وڃي ڪٿي لڪي ويهي رهيو، انهيءَ مهل حضُور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تهجد جي نماز کان فارغ ٿيا، هڪ شخص حاضر ٿي ڪري عرض ڪيو: عاليجاھ! فلاڻي شهر جي ابدال جو انتقال ٿي ويو آهي. حضُور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ان جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي ۽ ان چور تي ولايت جي نگاھ وڌائين، هڪ ئي نگاھ ۾ ان کي توبه به ڪرائي، ولايت جا درجا به طئي ڪرائي ڇڏيا، پوءِ فرمايائون: هاڻي کان تون فلاڻي شهر جو اَبدال آهين، فوراً اتان جي لاءِ روانا ٿي وڃو.

قسمت ڏسو! چوري جي اِرادي سان ويو هو ۽ ولي بڻجي واپس موٽيو. هاڻي هي اڳوڻو چور پر هاڻوڪو وليِ ڪامل حضُور غوث پاڪ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ٻڌايل شهر جي طرف روانو ٿيو، رستي ۾ انهي ڳوٺ وٽان لنگهيو، جتي عبدالله اڃا تائين پير صاحب جي انتظار ۾ بيٺو هيو. جيئن ئي اُتي پهتو ته عبدالله پڪاري چيو: مرشد ڪامل اچي ويو ۽ ڊوڙي اچي ڀاڪر پاتائين. هاڻي کيس سڄو واقعو ياد اچي ويو ۽ سمجهي ويا ته هي هڪ شخص جي سچي لڳن ۽ پڪي يقين جو ڪمال آهي جو ربّ مون تي اهڙي عنايت فرمائي آهي.)[1](

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي پڪي ۽ ڪامل يقين جي برڪت....!! هن


 

 



[1] موسوعہ اسلامیہ، لالہ زار، جلد:9، صفحہ:151تا164 ملخصاً۔