Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

مڪتبة المدينه تان نيڪ اعمال جو رسالو خريد ڪيو! نيڪ اعمال امير اهل سُنت مولانا محمد الياس عطار قادري جو عطا ڪيل بهترين تحفو آهي، هن رسالي کي پڙهو! هن جي مطابق پنهنجو جَدوَل بڻايو! هن جي ذريعي روزانو پنهنجي اعمال جو جائزو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ! *  نيڪين تي استقامت به ملي ويندي  * اخلاق ۽ ڪردار ۾ بهتري به ايندي  *  عشق رسول ۾ به اضافو ٿيندو  * روحانيت به ملندي  *  ۽ الله پاڪ چاهيو ته ايمان ڪامل ۽ مضبوط يقين به نصيب ٿي ويندو.

(3)  دنيا کان بي رغبتي اختيار ڪيو!

پيارا اسلامي ڀائرو! ايمان ۽ يقين وڌائڻ جو هڪ طريقو دنيا کان بي رغبتي اختيار ڪرڻ به آهي. الله پاڪ جي نبي حضرت عيسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام جو معجزو آهي ته پاڻ سمنڊ تي ايئن ئي هلندا هئا جيئن زمين تي هلندا هئا. هڪ ڀيرو سندن حوارين عرض ڪيو: ڇا اسان به پاڻي تان هلي سگهون ٿا؟ پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام فرمايو: جيڪڏهن توهان جو يقين پڪو ٿي وڃي ته ضرور هلي سگهو ٿا، هي ٻڌي ڪري هڪ حواريءَ ڪوشش ڪئي پر هُو هلي نه سگهيو، ٻڏڻ لڳو. حضرت عيسٰي عَلَيۡهِ السَّلَام ان کي ٻاهر ڪڍيو. پوءِ هڪ هٿ ۾ مٽي ۽ هڪ هٿ ۾ سون کڻي فرمايو: توهان جي دل ۾ انهن ٻنهي مان ڪنهن جي چاهت آهي؟ انهن عرض ڪيو: سون جي. پاڻ فرمايائون: منهنجي نزديڪ هي ٻئي هڪجهڙا آهن. )[1](

معلوم ٿيو جڏهن ٻانهو دنيا کان ايئن بي رغبت ٿي وڃي ته ان جي ويجهو پٿر ۽ سون هڪجهڙا ٿي وڃن ته ايمان ۽ يقين مضبوط ٿي ويندو آهي. الله پاڪ


 

 



[1] موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الیقین ، جلد:1، صفحہ:38، 39، حدیث: