Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

(2) عبادت ڪيو!

پيارا اسلامي ڀائرو! يقين مضبوط ڪرڻ جو ٻيو طريقو آهي: عبادت جو اهتمام. يعني پوري اهتمام سان نيڪ ڪم ڪيا وڃن. ان سان به يقين مضبوط ٿيندو آهي. امام اِبۡنِ اَبِي الدُّنيا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: اهتمام سان عبادت ڪرڻ سان * فڪر پڪي ٿيندي آهي * فڪر پڪّي ٿيڻ سان عبرت ملندي آهي. * عبرت جي ذريعي دورانديشي ملندي آهي * دورانديشي جي ذريعي مضبوط عزم ملندو(يعني قوَّتِ اِرادي مضبوط ٿيندي) آهي. * مضبوط عزم(يعني قوَّتِ اِرادي) جي ذريعي يقين ڪامل ٿيندو آهي * ڪامل يقين جي ذريعي بي نيازي ملندي آهي * هن بي نيازي جي برڪت سان الله پاڪ جي محبت نصيب ٿيندي آهي * ۽ الله پاڪ جي محبت جي ذريعي الله پاڪ جو قرب ملندو آهي.

سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي پياري  ڳالھ آهي، هن روايت ۾ ٿورو ترتيب کي ڏسو! مثال طور ڪو خوش نصيب پنج ئي نمازون باجماعت مسجد ۾ تڪبير اوليٰ سان پوري اهتمام سان ادا ڪري ٿو، هاڻي هن اهتمام جي برڪت سان* فڪر چڱي ٿي ويندي * فڪر چڱي ٿي وئي ته عبرت نصيب ٿي ويندي*عبرت نصيب ٿي وئي ته دورانديشي ۽ عقلمندي ملندي * عقلمندي ملي وئي ته عزم(يعني  قُوَّت اِرادي) وڌي ويندي * قُوَّتِ اِرادي وڌي وئي ته يقين مضبوط ٿي ويندو * يقين مضبوط ٿي ويو ته دنيا کان بي رغبتي ملي ويندي * بي رغبتي ملي وئي ته الله پاڪ جي محبت ملي ويندي * الله پاڪ جي محبت ملي وئي ته ربّ ڪريم جو قُرب نصيب ٿيندو.

ڏسو! ڳالھ شروع ٿي نيڪين جي اهتمام سان ۽ نتيجو ڇا نڪتو...؟ الله پاڪ جو قُرب. لهٰذا پڪو يقين حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا، ڪامل يقين جون برڪتون لٽڻ چاهيو ٿا، الله پاڪ جو قرب حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته نيڪ ڪم پوري اهتمام سان ڪرڻ شروع ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ! کوڙ برڪتون نصيب ٿينديون.

نيڪ اعمال  تي استقامت حاصل ڪرڻ جو طريقو

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ اعمال تي استقامت ماڻڻ جو هڪ بهترين طريقو اهو آهي ته