Yaqeen Ki Barkatain

Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

۽ سلامتي وارو بڻائي ڇڏيو هو، ايئن ئي حضرت ابو مُسلم خولاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي لاءِ به باھ سلامتي واري ٿي وئي، الله پاڪ جي فضل سان پاڻ صحيح سلامت باھ کان ٻاهر تشريف کڻي آيا. هي حيرتناڪ منظر ڏسي ڪري اَسَود عَنسي کي پنهنجي ڪوڙي نبوت خطري ۾ پوندي نظر اچڻ لڳي، ان کي هاڻي خوف ٿيڻ لڳو ته جيڪڏهن هي معاملو مشهور ٿي ويو ته ماڻهو منهنجي نُبُوّت کي هرگز نه مڃيندا، جيئن ته ان سندن کي يمن مان ڪڍي ڇڏيو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مديني شريف حاضر ٿي ويا.)[1](

غُلامی میں نہ کام آتی ہیں شمشیریں، نہ تدبیریں

جو ہو ذوقِ یقیں پیدا تو کٹ جاتی ہیں زنجیریں

کوئی اندازہ کر سکتا ہے اس کے زَورِ بازُو کا

نگاہِ  مردِ   مومن   سے   بدل   جاتی   ہیں   تقدیریں([2])

وضاحت: انسان غلام بڻجي وڃي ته نه تلوارون ڪم اينديون آهن، نه عقلمندن جون تدبيرون ڪم اينديون آهن، هي صرف يقين جو ذوق آهي، هي نصيب ٿي وڃي ته هر مشڪل جو حل نڪري ايندو آهي. مومن مرد يعني پڪّي يقين ۽ سچي ايمان واري انسان جي نگاھ جو ڪمال هي آهي جو جنهن تي پئجي وڃي، ان جي تقدير بدلجي ويندي آهي، جڏهن ان جي نگاھ جو اهو عالم آهي ته ان جي بازو جي همّت ۽ زور جو اندازو ڪير ٿو ڪري سگهي...؟

 صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                               صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

ايمان ۽ يقين جو بي مثال واقعو


 

 



[1] حلیۃ الاولیاء،جلد:2،صفحہ:150 - 151 ملتقطًا۔

[2]...کلیات اقبال(اردو)، بانگ دار، صفحہ:301۔