Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

قدرت جو اهو نظارو ڏٺو ته ان پڪي نيّت ڪئي ته جڏهن الله پاڪ هن لومڙي کي ڏئي سگهي ٿو ته مان ته اَشرف المخلوقات آهيان، مون کي به عطا فرمائي سگهي ٿو. جيئن ته هُو هڪ مسجد جي ڪنڊ ۾ وڃي ويهي رهيو ۽ الله، الله ڪرڻ لڳو. هڪ ڏينهن گذري ويو، کاڌو نه مليو، ٻيو ڏينهن گذري ويو پوءِ به کاڌو نه مليو، ٽيون ڏينهن به گذري ويو، کاڌي جو ڪو بندوبست نه ٿيو، هاڻي بک جي ڪري حالت خراب ٿي چڪي هئي، اُن تڙپي ڪري الله پاڪ جي بارگاھ ۾ فرياد ڪيو ته غيب مان آواز آيو:  اي انسان! تو لومڙي کي ته ڏٺو، ڇا شينهن کي نه ڏٺو؟ ڇا اهو سٺو ناهي ته تون شينهن وانگر ٿئين، پنهنجي لاءِ به محبت ڪر ۽ ٻين کي به کاراءِ. هاڻي ان شخص کي هوش آيو ۽ هُو محنت مزدوري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي ويو.)[1](

بهرحال! پيارا اسلامي ڀائرو! مقصد اهو آهي ته الله پاڪ جي عطا تي، ان جي عنايتن تي، ان جي رحمتن تي يقين ضرور رکڻ گهرجي پر ان جو هي مطلب ناهي ته اسان محنت ڪرڻ ڇڏي ڏيون.  جيڪا قوم محنت ڪرڻ ڇڏي ڏيندي آهي، الله پاڪ جي رحمت ان جي طرف مُتَوّجھ ناهي ٿيندي. لهٰذا محنت به ڪندا رهو ۽ الله پاڪ تي يقين به ضرور رکو.!

تون  ئي غالب آهين

پيارا اسلامي ڀائرو! سچ چوان ٿو: جيڪڏهن اسان جو يقين پڪّو ٿي وڃي ته هر ميدان ۾ ڪاميابي اسان جا قدم چمنديم اسان هن دنيا ۾ به ڪامياب ٿي وينداسين ۽ آخرت ۾ به سنورجي ويندي.  الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ اَنْتُمُ الْاَعْلَوْنَ  اِنْ  کُنْتُمْ مُّؤْمِنِیْنَ (۱۳۹)

ترجموڪنزالعرفان: جيڪڏهن توهان ايمان وارا آهيو ته توها ئي غالب ايندؤ)[2](


 

 



[1] کلیاتِ سعدی، بوستان، باب دوم در اِحسان، صفحہ:200ملخصاً۔

[2] (پارہ:4، آل عمران:139)