Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

رهڻ هي صحيح ناهي. اسان الله پاڪ جي ڪمن ۾ لڳي وڃون، يعني* اسان نيڪ ڪم ڪيون * نمازون پڙهون * عبادتون ڪيون * دين جي خدمت ڪيون * مدني قافلن ۾ سفر ڪيون * نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچايون، ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ! اسان جا دنياوي ڪم به بڻجي ويندا. بس اسان کي يقين پڪّو رکڻ گهرجي...!!

ڀروسو رکڻو آهي، اسباب ناهن ڇڏڻا

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ رازق آهي، رزق ڏيڻ وارو آهي، اهو ئي سڀني کي روزي ڏي ٿو، ڪنهن کي بکيو نه ٿو ڇڏي، اسان کي سندن وعدي تي پڪو يقين رکڻو آهي پر ان جو هرگز اهو مطلب ناهي ته اسان ظاهري اسباب ڇڏي ڪري ويهي رهون، مثلاً اَڄ کان ڪو هي نيت ڪري ويهي ته جڏهن الله پاڪ ئي رزق ڏيڻ وارو آهي ته ڪم ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ سڄو ڏينهن محنت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ يقيناً الله پاڪ ئي رزق ڏيندو آهي، ڪنهن کي دُڪان جي ذريعي ڏيندو آهي، ڪنهن کي واپار جي ذريعي ڏيندو آهي، ڪنهن کي محنت مزدوري جي ذريعي ڏيندو آهي. ڏيندو اهو ئي آهي، ڏيڻ جا طريقا مختلف آهن. تنهنڪري اهي انداز ضرور اختيار ڪرڻ گهرجن. مشهور صوفي بُزرگ شيخ سعدي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه   لکن ٿا: هڪ شخص هيو، جيڪو پنهنجي گهران مزدوري ڪرڻ جي اِرادي سان نڪتو، ڪم جي تلاش ۾ هو، رستي ۾ اُن ڏٺو ته هڪ انڌي ۽ اپاهج لومڙي آهي، يعني نه ڏسي سگهي ٿي، نه هلي ڦري سگهي ٿي. ان کي ڏسي ڪري عجب ۾ پئجي ويو ته هي لومڙي کائي ڪٿان ٿي؟  جيئن ته هُو اتي لڪي ڪري ويهي رهيو، ٿوري ئي دير کان پوءِ هن ڏٺو ته اُتي هڪ شينهن آيو، ان جي وات ۾ ڪجھ شڪار هو، ان اهو شڪار لومڙي جي سامهون رکي ڇڏيو، جنهن مان لومڙيءَ کي جيترو کائڻو سو ان کاڌو، باقي جيڪو بچيو اهو شينهن کڻي هليو ويو، اهو شخص هي سڄو ماجرو ڏسي رهيو هو،  جڏهن اُن الله پاڪ جي