Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

عبادت جو ڪمال ڪهڙو آهي؟

          حضرت لقمان حڪيم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي فرمايو: پٽ! هر عمل جو هڪ ڪمال ۽ هڪ انتها هوندي آهي ۽ عبادت جو ڪمال پرهيزگاري ۽ مضبوط يقين آهي.)[1](

يقين جي برڪت سان جنت ملي وئي

حضرتِ مغيره بن حبيب رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمائن ٿا: حضرت عبدالله بن غالب  
رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه
جو انتقال ٿيو ته ڪنهن خواب ۾ ڏسي ڪري پڇيو: اوهان سان ڇا معاملو ٿيو؟ فرمايائون: چڱو معاملو ٿيو. پڇيائون: هاڻي توهان ڪيڏي وڃي رهيا آهيو؟ فرمايائون: جنت جي طرف. پوءِ فرمايائون: مون کي هي نعمت چڱي يقين ۽ تهجد ۾ ڊگها ڊگها نفل پڙهڻ جي برڪت سان حاصل ٿي آهي.)[2](

رحمت يقين سان ملندي آهي

حضرت عبدالله رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: بيشڪ رحمت ۽ مشڪلات کان نجات يقين ۽ الله پاڪ جي رضا ۾ آهي ۽ غم ۽ پريشاني شڪ ۽ الله پاڪ جي نافرماني ۾ آهي.)[3](  

پيارا اسلامي ڀائرو! هي يقين جي برڪت آهي * يقين جي برڪت سان جنت ملندي آهي * يقين جي برڪت سان پريشانيون پري ٿينديون آهن، * يقين جي برڪت سان صبر ڪرڻ آسان ٿيندو آهي * يقين جي برڪت سان انسان عبادت تي استقامت ماڻي وٺندو آهي ۽ * يقين جي برڪت سان دنيا ۾ ترقي ۽ آخرت ۾ ڪاميابي ملندي آهي.


 

 



[1] موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الیقین ، جلد:1، صفحہ:27، حدیث:14۔۔

[2]موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الیقین ، جلد:1، صفحہ:28، حدیث:17۔

[3] موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الیقین ، جلد:1، صفحہ:31، حدیث:23۔