Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

جڳھ ته مسلمان ويچارا ظلم ۽ ستم جي چڪيءَ ۾ پيڙهجي رهيا آهن، الله پاڪ انهن جي غيب کان مدد فرمائي، اَلحَمۡدُلله! مسلمانن تاريخ جا شاندار ڪارناما انجام ڏنا آهن، الله ڪريم مسلمانن کي وڏي شان ۽ شوڪت سان نوازيو آهي پر هاڻي حالات ڪجھ ٻي طرح جا هلي رهيا آهن، ان جو سبب ڇا آهي؟ اُن تي جيڪڏهن تجزيو ڪيو وڃي ته شايد کوڙ سارا سبب اسان جي سامهون ايندا پر انهن سڀني جو هڪ سبب، جنهن کي شايد سڀني کان وڏو سبب به چئي سگهجي ٿو، اها بي يقيني آهي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو ارشاد مبارڪ ٻڌو! مشهور صحابيءِ رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه  فرمايو: مَااَخَافُ عَلٰی اُمَّتِی اِلَّا ضَعْفَ الْیَقِیْنِ يعني مون کي پنهنجي اُمّت تي خوف ناهي پر يقين جي  ڪمزوري جو.)[1](

پيارا اسلامي ڀائرو! پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم قيامت تائين جو علم رکڻ وارا آهن، قيامت تائين ڇا ڪجھ ٿيندو، پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تمام حالات کان واقف آهن، پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڄاڻيندا هئا ته منهنجي اُمت شرڪ ۾ مبتلا نه ٿيندي، منهنجي اُمّت الله پاڪ جو انڪار نه ڪندي، ها منهنجي اُمّت کي جيڪو مسئلو درپيش ٿيندو، اهو يقين جي ڪمزوري آهي.

هڪ ٻي حديث شريف ٻڌو! رسول رحمت، شفيع اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: نَجَااَوَّلُ ہٰذِہِ الْاُمَّۃِ بِا لْیَقِیْنِ وَ الزُّہْدِ  هن اُمت جا پهريان ماڻهو يقين ۽ دنيا کان بي رغبتي جي ذريعي نجات ماڻي ويا وَ یَہْلِکُ آخِرُ ہٰذِہِ الْاُمَّۃِ بِالْبُخْلِ وَالْاَمَلِ  ۽ هن اُمت جا آخر ۾ اچڻ وارا ڪنجوسي ۽ ڊگهين اميدن جي سبب هلاڪ ٿي ويا. )[2](

پيارا اسلامي ڀائرو! سمجهڻ جي ڳالھ آهي، هن اُمت جا پهريان جا ماڻهو پڪي يقين جي برڪت سان نجات ماڻي ويا ۽ آخر ۾ اچڻ وارا ڪنجوسي ۽ ڊگهين اميدن جي سبب هلاڪ ٿي ويندا. ڪنجوسي ڇا آهي؟ هڪ بي يقيني جي ڪيفيت آهي، جڏهن ٻانهي کي الله پاڪ جي رازق هجڻ تي پڪّو يقين ناهي


 

 



[1] موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الیقین ، جلد:1، صفحہ:24، حدیث:9۔

[2] موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الیقین ، جلد:1، صفحہ:19، حدیث:3۔ ۔