Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

اسان ته بس دعوت اسلامي جا ٿي ڪري رهجي وياسين

هڪ اسلامي ڀاءَ جو چوڻ آهي ته دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان عام نواجوانن جيان غفلت جي زندگي گذاري رهيو هيس، ڳائڻ وڄائڻ ٻڌڻ منهنجو پسنديده ڪم هو جنهن جي لاءِ مون هڪ ريڊيو به خريد ڪيو هو، منهنجي قسمت جو تارو ايئن چمڪيو جو هڪ ڏينهن اسان جي ڳوٺ ۾ ڪجھ اسلامي ڀائر يوم تعطيل اعتڪاف جي لاءِ آيا، انهن مان هڪ اسلامي ڀاءَ مون کي اعتڪاف ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، لهٰذا مان به پنهنجي دوستن سميت انهن سان شامل ٿي ويس، واپس ويندي هڪ اسلامي ڀاءَ هفته وار اجتماع جي دعوت ڏني ته اسان عرض ڪيو: جيڪڏهن ياد رهيو ته اِنْ شَآءَ اللہُ! ضرور شرڪت ڪنداسين.

بهرحال اسان اجتماع ۾ شرڪت ڪئي، اُتي انهن ئي اسلامي ڀائرن سان ملاقات  ٿي جن اسان کي اجتماع جي دعوت ڏني هئي، اهي ايتري قدر اخلاق سان پيش آيا جو اسان ته بس دعوت اسلامي جا ٿي ڪري رهجي وياسين. منهنجو ته ڄڻ زندگي جو انداز ئي بدلجي ويو، نمازن جي پابندي نصيب ٿي وئي، گانن جي بجائي نعت شريف ٻڌڻ لڳس، چهري تي ڏاڙهي مبارڪ ۽ مٿي تي عمامو شريف سجائي ورتم، ايئن دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي ويس.

عطائے حبیبِ خدا دینی  ماحول                                                                                       ہے فَیضانِ غوث ورضا دینی  ماحول

تُو داڑھی بڑھا لے عِمامہ سجا لے                                                                             نہیں  ہے یہ ہرگز بُرا دینی  ماحول

 

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                                            صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

  پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنشاھ