Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

دعوت ڏيڻ شروع ڪئي.

نَمرود کي هي سڀ ڪيئن ٿي برداشت ٿي سگهيو، اُن بدبخت هڪ وڏي باھ مچائڻ جو حڪم ڏنو، جيئن ته ڪيئي ڏينهن تائين ڪاٺيون جمع ٿينديون رهيون، هڪ وڏي چؤديوار بڻائي وئي، هڪ تمام وڏو مچ ٻاريو ويو. ڪتابن ۾ لکيل آهي: هي ايتري وڏي باھ هئي جو ڪيترائي ميٽر مٿي اڏندڙ پکي به ان باھ جي مٿان گذري نه سگهندا هئا، ڪو پکي گذرندو هو ته سڙي ڪِري پوندو هو، ايتري وڏي باھ ٻاري وئي، هاڻي منجنيق (يعني پٿر اڇلڻ جي مشين)تيار ڪئي وئي، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي منجنيق ۾ ويهاري ڪري باھ جي طرف اڇلايو ويو....!!)[1](

هاڻي هتي يقين جو عالم ڏسو! صرف باھ ۾ وجهڻ جون ڌمڪيون نه پئي ڏنيون ويون، باھ ۾ وجهڻ جو صرف ڏينهن ۽ وقت مُقرَّر نه پئي ڪيو ويو، ايئن ناهي ته هاڻي باھ ۾ وجهڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن بلڪ باھ جي طرف اڇليو ويو آهي.

بِلا تَمْثِیل (يعني رڳو سمجهائڻ جي لاءِ) عرض ڪيان ٿو، ڪنهن کي قيد ڪيو وڃي ته اُمّيد هوندي آهي ته شايد ڪٿان ڪو بچڻ جو رستو نڪري اچي، ڪنهن کي سزا ٻڌائي وڃي، تڏهن به اُمّيد هوندي آهي ته شايد رهائي جي ڪا صورت نڪري اچي، هتي اهو معاملو ناهي، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي باھ جي طرف اڇليو ويو آهي يعني اُمّيدن جو وقت ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي اها گهڙي آهي جو عام ماڻهن جون هن مهل ۾ سڀئي اُميدون ختم ٿي وينديون آهن پر قربان وڃو! هي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام آهن، هي بيمثال ايمان واري هستي آهن، باڪمال يقين رکندڙ شخصيت آهن، روايتن ۾ لکيل آهي: جڏهن پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام کي باھ جي طرف اڇليو ويو، ته حضرت جبريل امين عَلَيۡهِ السَّلَام! حاضر ٿيا، عرض ڪيائين: اي ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام! ڪنهن شيءِ جي حاجت هجي ته حڪم فرمايو!


 

 



 [1] قرطبی، پارہ:17، سورۃ الانبیا، زیرِ آیت:68، جلد:6، صفحہ:146بتصرف۔