Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

نوجوان جو يقين پڪو هو، ان جي هن يقين جي برڪت سان چور جي به قسمت سنورجي وئي ۽ پاڻ ان نوجوان کي به برڪتون نصيب ٿي ويون. لهٰذا اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجو يقين پڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.

يقين سکڻ سان ايندو  آهي

حضرت خالِد بن مِعۡدَان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: تَعَلَّمُوا الْیَقِینَ کَمَا تَعَلَّمُوا الْقُرآن يعني يقين کي به ايئن سکندا ڪيو جيئن قرآن سکندا آهيو! مون به ان کي سکي حاصل ڪيو آهي.)[1](

معلوم ٿيو، يقين سکڻ سان ايندو، ان جي لاءِ باقاعده ڪوشش ڪرڻي پوندي، تڏهن اسان جو يقين مضبوط ٿيندو. هاڻي هي سکڻو ڪيئن آهي؟ دل ۾ يقين مضبوط ڪيئن ڪرڻو آهي؟ اچو! ان جا ڪجھ طريقا سکون ٿا:

(1): دعا ڪيو!

هن جو پهريون طريقو ته اهو آهي ته الله پاڪ کان دعا ڪيو! مسلمانن جا پهريان خليفا حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  دعا ڪندا هئا:

اللَّهُمَّ هَبْ لِي اِیْمَانًا وَّيَقِينًا وَّمُعَافَاةً وَّنِيَّةً

ترجمو: اي الله پاڪ! مون کي پڪّو ايمان، مضبوط يقين، عافيت ۽ سچي نيت عطا فرماءِ. )[2](

ٿي سگهي ته هي ئي دعا ممڪن هجي ته عربي ۾، نه ته پنهنجي اباڻي ٻولي ۾ ياد ڪيو! وقتاً فوقتاً الله پاڪ کان هي دعا گهرندا رهو! اِنْ شَآءَ اللہُ! ڪامل يقين نصيب ٿي ويندو.


 

 



[1] موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الیقین ، جلد:1، صفحہ:28، حدیث:17۔

[2] موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الیقین ، جلد:1، صفحہ:22، حدیث:6۔