Yaqeen Ki Barkatain

Book Name:Yaqeen Ki Barkatain

فرمايائون: حاجت آهي پر اي جبريل! اوهان کان نه. عرض ڪيائين: پوءِ جنهن کان حاجت آهي، انهيءَ کي عرض ڪيو: فرمايائون: عِلْمُہٗ بِحَالِیْ خَیْرٌ مِّنْ سُوَالِی يعني اي جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام! مان ڪهڙي حالت ۾ آهيان، ربّ ڪريم ڄاڻي ٿو، ان جو ڄاڻڻ منهنجي گهرڻ کان وڌيڪ بهتر آهي.)[1](  

سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙو بيمثال يقين آهي، الله پاڪ جي رحمتن تي، ان جي عنايتن تي ڪيتري قدر ايمان آهي، پوءِ ان ايمان جو نتيجو به ڏسو! ڪيترو عظيم نڪتو، حڪم ٿيو:

یٰنَارُ کُوْنِیْ بَرْدًا وَّ سَلٰمًا عَلٰۤی اِبْرٰھِیْمَ (۶۹)                       

ترجموڪنزالعرفان: اي باھ ابراھيم تي ٿڌي ۽ سلامتي واري ٿي  وڃ.

الله اڪبر! حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جو ايمان پڪّو هيو، يقين بيمثال هو ته ربّ ڪريم سندن جي لاءِ ايڏي وڏي باھ کي گلن جو باغ بڻائي ڇڏيو.

نمرود  سڙي خاڪ  ٿي ويو

روايتن ۾ آهي: حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي جڏهن باھ ۾ وڌو ويو ته سندن ڪجھ ڏينهن کان پوءِ نمرود پنهنجي محل جي ڇت تي چڙهيو، هي ڏسڻ جي لاءِ ته حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام ڪهڙي حالت ۾ آهن، جڏهن اُن ڏٺو ته حيران رهجي ويو ته حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام باھ ۾ آرام سان ويٺا آهن ۽ باھ سندن جي لاءِ گلن جو باغ بڻجي وئي آهي.

هاڻي نَمرود سوچيو ته شايد هن باھ ۾ ڪو مسئلو آهي، هي باھ ئي ساڙڻ واري ناهي، جيئن ته ان تجربو ڪرڻ جي ارادي سان هڪ شخص کي باھ ۾ اڇليو، جيئن ئي اهو باھ ۾ ڪريو ته يڪدم ئي سڙي خاڪ ٿي ويو، يعني باھ پنهنجي طبيعت تي هئي، باھ جو ڪم ساڙڻ آهي سا اها ساڙي رهي هئي، پر حضرت


 

 



[1] قرطبی، پارہ:17، سورۃ الانبیا، زیرِ آیت:68، جلد:6، صفحہ:146بتصرف۔