Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

ايترن ٽڪرن ۾ جُدا جُدا ٿي ويو، پوءِ قيامت اچڻ ۾ اڃان ڪيئي صديون باقي آهن، حيرت جي ڳالھ آهي ته الله پاڪ قيامت جي ڏينهن هن مُئل کي زنده ڪيئن فرمائيندو؟ ايترن حصن ۾ وِکريل هنن ٽڪرن کي ڪيئن جمع فرمائيندو؟ جيئن ته پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم الله پاڪ جي بارگاھ ۾ سوال ڪيو:

رَبِّ اَرِنِیْ كَیْفَ تُحْیِ الْمَوْتٰىؕ-

ترجمو ڪنز العرفان: اي منهنجا ربَّ! مونکي ڏيکار ته تون مئلن کي ڪيئن جياريندين؟ (سيپارو: 2، البقرة: 260)

   يعني اي منهنجا مالڪ! اي مونکي پالڻ وارا! مان هي ته ڄاڻا ٿو، مڃان ٿو، يقين رکان ٿو ته تون مُئل زنده فرمائيندين پر اهي مُئلَ زنده ڪرڻ ڪيئن هوندو؟ اهو مونکي اکين سان ڏيکار. ([1])  ان تي ڪو اعتراض ڪري سگهيو ٿي ته شايد حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام کي ڪو شڪ هيو، تنهنڪري الله پاڪ سندس ئي جي زباني ان جو جواب ڏياريو، ارشاد ٿيو:

اَوَ لَمْ تُؤْمِنْؕ-

ترجمو ڪنز العرفان: ڇا توکي يقين نه آهي. (سيپارو: 2، البقرة: 260)

حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام عرض ڪيو:

بَلٰی وَ لٰکِنْ لِّیَطْمَئِنَّ قَلْبِیْ ؕ

ترجمو ڪنز العرفان: يقين ڇو نه آهي پر اهو (چاهيان ٿو) ته منهنجي دل کي قرار اچي وڃي. (سيپارو: 2، البقرة: 260)

يعني اي مالڪِ ڪريم! تون مُئل زندھ فرمائيندين، مونکي ان تي پورو يقين آهي، پڪو ايمان آهي پر هاڻي تائين مونکي عِلمُ اليقين حاصل آهي (يعني مون وحيءَ جي ذريعي ڄاڻي ڪري مڃيو آهي ۽ پورو يقين ڪري ورتو آهي) پر هاڻي عينُ اليقين (يعني


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:3، البقرہ، زیرِ آیت:260، جلد:3، صفحہ:77بتصرف ۔