Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

Book Name:Hazrat Ibrahim Ke Waqiyat

اکين سان ڏسي ڪري اڃان وڌيڪ پڪو يقين) حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو. ([1])

   الله پاڪ کين اها درخواست پوري ڪئي ۽ حڪم ٿيو: اي ابراهيم عَلَيه السَّلَام! 4 پکي کڻو! انهن کي پاڻ سان خوب مانوس ڪريو! پوءِ انهن کي ذبح فرمايو! انهن جو قيمو ڪريو! پوءِ انهن جو گوشت پاڻ ۾ ملايو! پوءِ انهن جون منڍيون پاڻ وٽ رکو! ۽ گوشت جا 4 حصا ڪري مختلف جبلن تي رکو! ۽  

ثُمَّ ادْعُہُنَّ

    ترجمو ڪنز العرفان:  پوءِ انهن کي سڏيو. (سيپارو: 2، البقرة: 260)

   يعني پوءِ انهن پکين کي سڏيو ! اهي ڊوڙندا توهان وٽ اچي ويندا.

 حضرت ابراهيم عَلَيه السَّلَام ائين ڪيو، 4 پکي کنيا، ڪهڙا ڪهڙا پکي هئا؟ عُلما فرمائن ٿا: سندن (1): هڪ مور کنيو (2): هڪ ڪُڪڙ (3): هڪ ڪبوتر (4): ۽ هڪ ڳجھ يا ڪانءُ. انهن کي پاڻ سان مانوس ڪيائون، پوءِ انهن چئني کي ذبح ڪري انهن جو گوشت 4 مختلف جبلن تي رکيو، پوءِ جيئن ئي انهن کي سڏيائون انهن چئني جو گوشت پنهنجي جڳھ تان اڏامي ڪري سندن وٽ آيو ۽ پنهنجي منڍين سان ملي ويو، ائين چار ئي پکي ٻيهر زندھ ٿي ويا. الله پاڪ فرمايو:

وَ اعْلَمْ اَنَّ اللّٰہَ عَزِیْزٌ  حَکِیْمٌ (۲۶۰)

ترجمو ڪنز العرفان: ۽ ڄاڻي وٺ ته الله غالب حڪمت وارو آهي.

(سيپارو: 2، البقرة: 260)

   يعني ڄاڻي وٺو ته الله غالب آهي، ان کي ڪا ڳالھ مجبور نه ٿي ڪري سگهي، هو حڪمت وارو آهي، هن جو ڪوبه ڪم حڪمت کان خالي ناهي هوندو. ([2])


 

 



[1]...تفسیر نعیمی، پارہ:3، البقرہ، زیرِ آیت:260، جلد:3، صفحہ:78بتصرف۔

[2]...تفسیر نعیمی، پارہ:3، البقرہ، زیرِ آیت:260، جلد:3، صفحہ:78بتصرف۔