Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

عاشقِ رسول جو مديني جو سفر  (حڪايت)

   1295 هجري جي ڳالھ آهي، شوال جو مهينو هو، اعليٰ حضرت جا والد مولانا نقي علي خان رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ تمام گهڻو بيمار ٿيا، جسم جي ظاهري طاقت ۾ ڪافِي ڪمزوري اچي وئي، انهيء حالت ۾ هڪ ڏينهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه آرام فرما هئا، ظاهري اکيون بند هيون پر قسمت سڄاڳ هئي، دِل جون اکيون کليل هيون، مدني آقا، مڪي آقا، ٻنهي جھانن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ڪرم فرمايو، پنهنجي سچي عاشق جي خواب ۾ آيا

سَرِ بالیں، انہیں رَحْمت کی ادا لا ئی ہے حال بگڑا ہے تو بیمار کی بَن آئی ہے

   سرڪارِ نامدار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي سچي عاشق کي حڪم فرمايو ته مديني هليا اچو...! بس هاڻي ٻيو ڇا کپي، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي اک کُلي، توڙي جو طبيعت ناساز هئي، ظاهري جسماني طاقت ۾ ڪافِي ڪمزوري هئي پر مدني آقا، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حڪم فرمائي چڪا هئا، ان ڪري مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه يڪدم حج ۽ مديني پاڪ حاضِري جو پختو ارادو ڪيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي دوستن محبن، اَهلِ خانه وغيره گھڻو عرض ڪيو: عاليجاھ...!! توهان جي طبيعت ناساز آهي، هلڻ ڦرڻ به مشڪل آهي، جيڪڏهن آئنده سال وڃو ته به سرڪارِ عالي وقار، مدني تاجدار  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪم تي عَمَل ٿي ويندو پر مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي عشق جو ڪمال ڏسو! طبيعت ناساز، جسماني طور تي ڪافِي ڪمزوري ۽ هاڻي ته هوائي جهاز ذريعي سَفَر ٿئي ٿو، هند کان ڪجھ ڪلاڪن ۾ مديني پاڪ پهچي سگھجي ٿو، ان وقت بحري جهاز تي، سامونڊي رستي کان سَفَر ٿيندو هو، مديني پاڪ پهچڻ ۾ ڪيئي ڪيئي ڏينهن لڳي ويندا هئا، ان سڄي صُورتِحال جي باوُجُود سچي عاشق رسول، مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه دوستن