Book Name:Shehar e Muhabbat
پيارا اسلامي ڀائرو! اها آهي مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي عشقِ رسول جي ڪيفيت...! جو سندن کي سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خواب ۾ اچي حڪم فرمايو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ايتري سختي سان عَمَل ڪيو جو جان جي پرواھ به نه ڪيائون بلڪ فرمايائون: مديني پاڪ جي ارادي سان قدم دروازي جي ٻاهر رکي وٺان پوءِ چاهي رُوح نڪري وڃي. يعني پنهنجي آقا و موليٰ، محبوبِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حڪم تي عمل ڪرڻ جي لاءِ جيڪو ڪجھ منهنجي اختيار ۾ آهي اهو مان ضرور ڪندس، پوءِ الله پاڪ جي رحمت ۽ مدني سرڪار، نبين جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪرم بي شُمار آهي، الله پاڪ ۽ سندن پيارو حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ چاهيندو ته مديني پهچائي ڇڏيندا، نه ته منهنجي طرفان ته حڪم تي عَمَل ٿي چڪو هوندو.
آنے دو یا ڈبو دو، اب تو تمہاری جانِب کشتی تمہیں پہ چھوڑی، لنگر اُٹھا دئیے ہیں([1])
الله پاڪ اسان کي به *مديني جو عشق*مديني جي ياد*مديني جو غم* مديني جو ذڪر* مديني جو فڪر ۽* باربار، هزار ڀيرا با ادب مديني جي حاضر نصيب فرمائي.
مدینہ، مدینہ، ہمارا مدینہ ہمیں جان و دِل سے ہے پیارا مدینہ
سہانا سہانا دِل آرا مدینہ دِوَانوں کی آنکھوں کا تارا مدینہ
یہ ہر عاشقِ مصطفےٰ کہہ رہا ہے ہمیں تو ہے جنّت سے پیارا مدینہ
یہ رنگیں فضائیں، یہ مہکی ہوائیں مُعَطَّر، مُعَنْبَر ہے سارا مدینہ
مدینے کے جلووں کے قربان جاؤں خدا نے ہے کیسا سنوارا مدینہ
خُدا گر قیامت میں فرمائے مانگو پُکاریں گے دیوانے پیارا مدینہ([2])