Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

هتي هڪ وضاحت ڪري ڇڏيان: مڪو افضل آهي يا مدينو...؟ هن حوالي سان عالمن سڳورن تمام گهڻا علمي بحث لکيا  آهن، آخر ۾ انهن علمي بحثن جو نتيجو هي نڪتو آهي ته پياري آقا، مڪي مدني، مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مزار مبارڪ يعني زمين جو اهو حصو جيڪو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسم مبارڪ سان مليل آهي، اهو زمين جو حصو ڪعبي شريف بلڪه عرشِ اعظم کان به افضل آهي. مزار شريف جو مٿيون حصو ان ۾ شامل ناهي. پوءِ خاص اهو هنڌ جتي ڪعبو شريف آهي، اهو مزار مبارڪ کان علاوه مديني جي تمام شهر کان افضل آهي. نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مزار ۽ ڪعبي شريف کان علاوه مديني شهر ۽ مڪي شهر جي جيڪا باقي جڳھ آهي، انهن ٻنهي مان ڪهڙي افضل آهي، هن جي باري ۾ مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عُمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو مسلڪ هي آهي ته مدينو افضل آهي[1] بلڪه حديثِ پاڪ ۾ ارشاد ٿيو: اَلْمَدِیْنَۃُ اَفْضَلُ مِنْ مَکَّۃَ مدينو مڪي کان افضل آهي.[2]

کیونکر نہ ہو مکّے سے سِوا شانِ مدینہ                                                  وہ جبکہ ہو مسکنِ سلطانِ مدینہ

مکّے کو شرف ہے تو مدینے کے سبب سے                                       اس واسطے مکہ بھی ہے قربانِ مدینہ

آتے ہیں سرِ عجز جھکائے ہوئے لاکھوں      شاہانِ جہاں پیشِ گدایانِ مدینہ

مرنے پہ بھی چھوڑیں گے نہ محبوب کا کوچہ عشّاق کی جنّت ہے بیابانِ مدینہ

ہے عرض جمیلِ رضوی کا یہ خُلاصہ                                        لاشہ ہو مرا اور بیابانِ مدینہ([3])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...فتاویٰ رضویہ، جلد:10، صفحہ:711۔

[2]...فتاویٰ رضویہ، جلد:10، صفحہ:711۔

[3]...قبالۂ بخشش، صفحہ:230، 232 ملتقطاً۔