Shehar e Muhabbat

Book Name:Shehar e Muhabbat

حُليو مبارڪ پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪري ورتو، جيئن ته ٻي ڏينهن کين اتان جي ڪنهن وڏي عهديدار ڏانهن آندو ويو... ان مقدس ڏوھ ۾ ته هي ماڻهو روضي ڏانهن منهن ڪري التجائون ڪري ٿو. سندن جڏهن ان وڏي عهديدار وٽ پهتا، ته ان پهريون سوال ئي اِهو ڪيو ته ڇا تون رسول جي قبر کي ڪعبي کان افضل سمجهين ٿو...؟

   هاڻي حضور غزاليءِ زمان رحمةُ اللهِ عَلَيْهِ جو علمي ڪمال ڏسو! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  فرمايائون: توهان ڪعبي جي ڳالھ ٿا ڪيو، مان ته هن جڳھ کي عرش کان به افضل سمجهان ٿو. ان عهديدار چيو: هن تي دليل ڏي...!! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايائون: پوءِ دليل ٻڌ...!!قرآن ڪريم مان ثابت آهي ته الله پاڪ جا نبي حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام شڪر گذار ٻانها آهن.  

ٻئي طرف الله پاڪ قرآن پاڪ ۾ فرمائي ٿو:

ç÷”áÒOÅ ترجمو ڪنزالايمان: جيڪڏهن توهان منهنجو شڪر ادا ڪندؤ ته مان توهان کي اڃان وڌيڪ ڏيندس. (سيپارو: 13، ابراهيم: 7)

 ڏسو هڪ پاسي حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام آهن جيڪي شڪر گذار ٻانها آهن، ٻي پاسي الله پاڪ جو هي وعدو آهي ته شڪر گذار کي پهريان کان وڌيڪ عطا ڪيو ويندو آهي، هاڻي هيءَ ڳالھ ته ثابت آهي ته حَضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام هن وقت چوٿين آسمان تي تشريف فرما آهن، ڇوته پاڻ شڪرگذار آهن، لهٰذا سندن جنهن جڳھ تي هاڻي آهن، ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته شڪر گذاري جي سلسلي ۾ هن کان وڌيڪ، هن کان اعليٰ، هن کان افضل ۽ هن کان بلند جڳھ تي پهچايا وڃن. اسان هي ڳالھ ڄاڻون ٿا، روايتن مان ثابت آهي ته حضرت عيسٰي عَلَيه السَّلَام چوٿين آسمان کان زمين تي تشريف وٺي ايندا، پوءِ جڏهن دنيا مان ظاهري وصال فرمائيندا ته مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پاسي ۾ مدفن ٿيندا.

 هن مان ثابت ٿي ويو ته حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام جن کي شڪر گذاري جي عيوض ۾ پهريان کان ئي بلند ۽ افضل جڳھ عطا ٿيڻي هئي*کيس نه پنجين