Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: * عورت تي سڀني انسانن کان وڌيڪ سندس مڙس جا حق آهن ۽ مرد تي سندس ماءُ جا. ([1]) * جيڪڏهن مان ڪنهن کي حڪم ڏيان ها ته غيرِخدا کي سجدو ڪري ته عورت کي حڪم ڏيان ها ته پنهنجي مڙس کي سجدو ڪري، ان ذات جو قسم جنهن جي قبضي ۾ محمد (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ) جي جان آهي. عورت پنهنجي پروردگار جو حق ادا نه ڪندي جيستائين مڙس جا سمورا حق ادا نه ڪري ([2]). عورت ايمان جي لذت نه ماڻيندي، جيستائين مڙس جا حق ادا نه ڪري. ([3])

اندازو لڳايو! هي مڙس جا حقوق آهن، جيڪي اسان جي آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بيان فرمايا آهن، هي حقوق پنهنجي شادي شده ڌيئرن کي ۽ جن جي شادي ويجهو آهي، انهن کي سيکاريو. افسوس! * اَڄ مُعاشري ۾ طلاقون وڌي رهيون آهن * مغربي ثقافت کي اسان جو مُعاشرو تيزي سان اپنائي رهيو آهي. * باقاعده منصوبي سان عورتن کي سندن مڙسن کان باغي بڻايو پيو وڃي ۽ نتيجي ۾ خانداني نظام درهم برهم ٿي رهيو آهي، اسان کي هن ڳالھ جو احساس ڪرڻ گهرجي، افسوس جي ڳالھ آهي! * اَڄ جيڪڏهن ڪا ڌيءَ مائٽن ۾ اچي پنهنجي ساهرن ۽ مڙس جي برائي ڪندي آهي، انهن جي غيبت ڪندي آهي ته ان کي روڪيو ناهي ويندو بلڪ ان کي ويتر ڀڙڪايو ويندو آهي، هي انتهائي افسوس واري صورتحال آهي، انهن سببن جي ڪري * خاندانن جا خاندان تباھ ٿي رهيا آهن * ٻارن جو مستقبل تباھ ٿي رهيو آهي، اسان کي سمجهڻ گهرجي، خاص ڪري جيڪي ڌيئرن جا والدين آهن، انهن کي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي هن مُبارڪ انداز مان سبق وٺڻ گهرجي.


 

 



[1]...مستدرك، كتاب البر والصلۃ، اعظم الناس حقا...الخ، جلد:5، صفحہ:244، حدیث:7418۔

[2]...ابن ماجہ ، كتاب النكاح، باب حق الزوج على المراۃ، صفحہ:297، حدیث:1853۔

[3]... مستدرك، كتاب البر والصلۃ، حق الزوج على الزوجۃ، جلد:5، صفحہ:240، حدیث:7405۔