Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

تون اسلام کان ڦري نه ويندين، مان توکي هرگز نه کوليندس. اَسْتَغْفِرُ اللہَ! (اُن ڪيترائي ڏينهن کيس ايئن ئي تڪليف پهچائي پر) حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي زبان پاڪ تي صرف هڪ ئي ڳالھ هئي: خدا جو قسم! هن پاڪيزه دين کي هرگز نه ڇڏيندس.

آخر اهو ئي ٿيو، حق کٽي ويو، باطل هارجي ويو، حَڪم بن اَبي عاص جڏهن حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ايمان تي استقامت ڏٺي ته هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيائين، آخرڪار ان سندن کي قيد کان آزاد ڪري ڇڏيو.([1])  

سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو!  ڏسو! دين تي ڪيتري اِستقامت آهي. انتهائي مضبوط ترين ايمان هجڻ اسان جي آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو پيارو وصف آهي، دنيا ۾ ڪو اهڙو نه آهي، نه هو، نه ڪڏهن ٿيندو جنهن جو ايمان نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جهڙو هجي، اَلحَمۡدُلله! حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هن پاڪيزه وصف جو فيضان نصيب هو.

ڪاش! اسان کي به دين تي، اسلام تي، ايمان تي استقامت ملندي رهي، ڪاش! پنهنجي ايمان جي حفاظت جي سوچ حقيقي معنيٰ ۾ نصيب ٿي وڃي. افسوس! هن دور ۾ ايمان بچائڻ ڏاڍو مشڪل ٿي ويو آهي، علمِ دين جي اهڙي ڪمي آهي جو الله پاڪ جي پناھ...! * ڪيترائي اهڙا آهن جيڪي گانا ڳائي رهيا آهن، گانا ٻڌي رهيا آهن، جهومي رهيا آهن، حالانڪ هن گاني ۾ ڪفريه شعر آهن ۽ انهن کي ان جي ڪابه خبر ئي ناهي، اهي رڳو پنهنجي مستي ۾ مست ٿي ڳائي رهيا هوندا آهن ۽ وڏي مزي سان ٻڌي رهيا هوندا آهن.

هونئن به گانن ۾ ڪفريه ڪلمات نه به هجن تڏهن به گانا ٻڌڻ، ٻڌائڻ شيطاني ڪم آهي ۽ ان جو ايترو ته سخت عذاب آهي جو برداشت نه ٿي سگهندو.


 

 



[1]... طبقات  ابن سعد،رقم: 14، عثمان بن عفان، ذکر اسلام عثمان بن عفان، جلد:3، صفحہ:40۔