Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

روايت جي مطابق جيڪو گانا ٻڌندو آهي، قيامت جي ڏينهن ان جي ڪنن ۾ پگهريل سيهو وڌو ويندو. ([1])

 * بعض اوقات مصيبت ايندي آهي، پريشاني ايندي آهي، جوان موت ٿي وڃي، اوچتو حادثو ٿي وڃي ته ماڻهو شڪوا شڪايت ڪندا آهن، ڪجھ نادان ته مَعَاذالله(الله پاڪ جي پناھ) ڪفريه جملا به بڪي ويندا هوندا ۽ ديني معلومات جي ڪمي جي ڪري انهن کي هن ڳالھ جي خبر ئي ناهي هوندي ته هي ڪفريو جملو آهي جيڪو دائرهءِ اسلام کان خارج ڪري ڇڏيندو آهي. * ڪجھ نادان غيرمسلمن جا طور طريقا اپنائيندا آهن، انهن جي مذهبي تهوارن ۾ شامل ٿيندا آهن، ڪو دنياوي مفاد هوندو آهي، لالچ هوندي آهي، پيسن جي لالچ هوندي آهي ۽ ان چڪر ۾ مَعَاذَالله! ايمان جي طرف توجھ ناهي هوندي، الله پاڪ جي ناراضگي جو خيال ناهي هوندو، خوفِ خدا جي ڪمي هوندي آهي، عشق رسول جي ڪمي هوندي آهي ۽ ايئن اهي غير مسلمن جي صحبت جي ڪري، سندن مذهبي تهوارن ۾ شريڪ ٿي ڪري ڪڏهن ڪڏهن ايمان جو سودو ڪري چڪا هوندا آهن، ڪفر جي اونداهه کوھ ۾ ڪِري چڪا هوندا آهن ۽ انهن کي پنهنجي ايمان جي دولت کسجي وڃڻ جو احساس تائين ناهي هوندو.

الله پاڪ حضرت عثمان غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي صدقي اسان کي به پختو ۽ مضبوط ايمان عطا فرمائي.

مسلماں ہے عطار تیری عطا سے                                                                                                 ہو ایمان پر خاتمہ یا اِلٰہی([2])

امير اهل سُنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي هڪ زبردست ۽ پنهنجي موضوع تي ناياب ڪتاب آهي: ڪفريا ڪلمات جي باري ۾ سوال جواب. اردو زبان ۾ هن موضوع تي ايتري تفصيلي ڪتاب ملڻ نهايت مشڪل آهي. هي ڪتاب هر گهر بلڪ هر فرد جي ضرورت آهي. صرف 675


 

 



[1]...جمع الجوامع، حرف المیم، جلد:7، صفحہ:254، حدیث:22843۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:105۔