Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq
ته ڏٺائون ته حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه چهرو زمين ڏانهن ڪري ليٽيل هئا، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: عثمان! ڇا ٿيو، پنهنجو مٿو مٿي ڇو نٿا کڻو؟ عرض ڪيائين: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون کي الله پاڪ کان حياءُ اچي ٿو۔ سرڪارِ عالي، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڇو حياءُ اچي ٿو؟ عرض ڪيائين: يارَسُول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! مان ڊڄان ٿو ته ڪٿي منهنجو ربّ ڪريم مون کان ناراض نه ٿي ويو هجي...!! ([1])
الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول ! حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڪو گُنَاھ جو ڪم نه ڪيو هو، الله پاڪ جي ناراضي وارو ڪو ڪم نه ٿيو هو، پر جيڪو سچو عاشِق هوندو آهي، ان کي بَس هر وقت اهو خوف رهندو آهي ته ڪٿي منهنجو محبوب مون کان ناراض نه ٿي وڃي، حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي به اهڙي طرح خوف هو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه زمين ڏانهن چهرو ڪري ستل هئا، مٿو مٿي نه کنيائون، ڄڻ پنهنجي طَور تي شرمساري جو اِظهار ڪري رهيا هئا ته افسوس! منهنجو رَبّ مون کان ناراض ته نه ٿي ويو۔ جڏهن سلطانِ انبياء، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي پياري صحابي حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ڳالھ ٻُڌي ته فرمايائون: عثمان! هي جبريل عَلَيه السَّلَام آهي، مون کي خبر ڏئي رهيو آهي ته توهان آسمان وارن جا ۽ زمين وارن جا نُور ۽ جنّت وارن جا چراغ آهيو۔([2])
جو دِل کو ضیا دے جو مقدر کو جِلا دے وہ جلوۂ دیدار ہے عثمانِ غنی کا
جس آئینہ میں نُورِ اِلٰہی نظر آئے وہ آئینہ رُخسار ہے عثمان غنی کا([3])