Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq
دل ۾ اچڻ نه ڏيندا هئا * مالدار هجڻ جي باوجود عيش ۽ عشرت واري زندگي نه گذاريندا هئا. سادو لباس پائيندا هئا، مهانگيون مهانگيون شيون پنهنجي ذات جي لاءِ گهٽ استعمال ڪندا هئا، ڪتابن ۾ لکيل آهي: جنهن وقت پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه خليفه هئا ته ماڻهن کي تمام اعليٰ قسم جو کاڌو کارائيندا هئا، پوءِ سندن گهر اچي سرڪي ۽ زيتون سان سادي ماني کائيندا هئا. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي نرالي ڳالهه آهي...!!انسان مالدار هجي، وڏو ڪاروبار هجي، هزارن لکن ۾ آمدني هجي، پوءِ به انسان سادي زندگي گذاري، مالدار هجڻ جي باوجود دنيا جي محبت دل ۾ نه اچڻ ڏي، هي ڪمال جي ڳالهه آهي، نهايت ڪمال جي ڳالهه آهي. اسان وٽ اُلٽو نظام آهي، ماڻهو پنهنجي لاءِ بهترين کان بهترين شيون خريد ڪندا آهن، اعلى کان اعلى کاڌا کائيندا آهن پر جڏهن غريبن کي ڏيڻ جي واري ايندي آهي ته سستيون شيون، بيڪار شيون، گهٽ معيار واريون شيون غريبن کي ڏيندا آهن، بلڪه استعمال ٿيل شيون به غريبن کي ڏئي ڇڏيندا آهن.
هي به غنيمت آهي، غريبن جي مدد ڪرڻ جو ذهن ته آهي، ڪجھ مدد ته ڪن ٿا پر ان کان اعليٰ درجي تي وڃڻ گهرجي، جيئن دنياوي معاملن ۾ اڳتي وڌڻ جي خواهش هوندي آهي۔ ائين ئي نيڪين جي معاملن ۾ به اڳئين کان اڳئين درجي تي وڃڻ جي تمنا هئڻ گهرجي، غريبن کي ڏيو، ضرور ڏيو، انهن کي کارايو، ضرور کارايو پر پنهنجي طاقت مطابق بهترين شيون ڏيو، حضرت عثمانِ غني رَضِیَ اللہُ عنہ جي ته اها شان هئي ته ٻين کي بهترين کارائيندا هئا، پاڻ سادو کائيندا هئا۔ هلو! اسان گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته ڪريون ته جيڪو پاڻ کائون ٿا، اهوئي غريبن کي به کارايون، جيڪو پاڻ پايون ٿا، اهوئي غريبن