Usman e Ghani Ke Akhlaq

Book Name:Usman e Ghani Ke Akhlaq

کي به ڏيون، جيڪا ڪوالٽي پنهنجي لاءِ پسند ڪندا آهيون، اهائي ڪوالٽي غريبن لاءِ به پسند ڪيون. الله پاڪ قرآنِ مجيد ۾ ارشاد فرمائي ٿو۔

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَنۡفِقُوۡا مِنۡ طَیِّبٰتِ مَا کَسَبۡتُمۡ

(پارہ:3، البقرہ:267)

ترجمو ڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! پنهنجي پاڪ ڪمائين مان (الله جي واٽ ۾) ڪجهه خرچ ڪيو.

ڏسو! الله پاڪ پاڪيزه ڪمائي راههِ خدا ۾ خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پوءِ فرمايائون: 

وَ لَا تَیَمَّمُوا الۡخَبِیۡثَ مِنۡہُ تُنۡفِقُوۡنَ وَ لَسۡتُمۡ بِاٰخِذِیۡہِ اِلَّاۤ اَنۡ تُغۡمِضُوۡا فِیۡہِ ؕ

(پارہ:3، البقرہ:267)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ خرچ ڪندي خاص ناقص مال (ڏيڻ) جو ارادو نه ڪيو حالانڪ (جيڪڏهن اهو ئي توهان کي ڏنو وڃي ته) توهان ان کي چشم پوشي ڪندي بغير قبول نه ڪندؤ.

تفسير صراط الجنان ۾ آهي: ڪجهه ماڻهو صدقي ۾ خراب مال ڏيندا هئا، انهن جي باري ۾ هيءَ آيت نازل ٿي ۽ چيو ويو ته الله پاڪ جي راهه ۾ پنهنجو ڪمايل پاڪيزه ۽ صاف سٿرو مال ڏيو ۽ الله پاڪ جي راهه ۾ ناقص، گھٽيا ۽ بيڪار مال نه ڏيو. جڏهن توهان الله پاڪ کان سٺي جزا چاهيو ٿا ته سندس راهه ۾ مال به اعلى درجي جو ڏيو۔ غور ڪيو ته جهڙي طرح گھٽيا مال توهان الله جي راهه ۾ ڏيندا آهيو، جيڪڏهن اهوئي مال توهان کي ڏنو وڃي ته ڇا توهان قبول ڪندؤ! پهرين ته قبول نه ڪندؤ ۽ جيڪڏهن قبول ڪري به ورتو ته ڪڏهن خوشدلي سان نه وٺندؤ بلڪه دل ۾ برو ڄاڻيندي ئي وٺندؤ. ته جڏهن پنهنجي لاءِ سٺو وٺڻ جو سوچيو ٿا ته الله جي راهه ۾ خرچ ڪئي ويندڙ شيءِ جي باري ۾ به سٺو ئي سوچو. ([1])

الله پاڪ اسان کي اهڙي توفيق نصيب فرمائي. ڪاش! دل مان دنيا جي محبت


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:3، سورۂ بقرۃ، زیر آیت:267، جلد:1، صفحہ:404۔