Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan
صورت اختيار ڪري وينديون آهن. حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي علم جو ڪمال ڏسو...!! سندن دل ۾ هي خيال اچڻ بيماري نه هئي، هي جُرم نه هو، هي گناھ نه هو پر سندن نفس جي چالن کان پوري طرح واقف هئا. سندن نفس جي هن چال کي پاڙان پڪڙي ورتو ۽ ان جو خاتمو ڪري ڇڏيائون.
الله پاڪ اسان جي حال تي به رحم فرمائي، ڪاش! اسان کي به باطني بيمارين کان، نفس جي چالن کان بچڻ نصيب ٿي وڃي.
سرہے خَم ہاتھ میرا اُٹھا ہے یاخدا تجھ سے میری دُعا ہے
فَضل کی رحم کی اِلتِجا ہے یاخدا تجھ سے میری دُعا ہے
حُبِّ دُنیا میں دل پھنس گیا ہے نَفسِ بدکار حاوِی ہوا ہے
ہائے شیطاں بھی پیچھے پڑا ہے یاخدا تجھ سے میری دُعا ہے([1])
نفس کي سڌارڻ وارا ئي ڪامياب آهن
الله پاڪ قرآنِ پاڪ ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
قَدْ اَفْلَحَ مَنْ زَكّٰىهَاﭪ(۹) وَ قَدْ خَابَ مَنْ دَسّٰىهَاؕ(۱۰) (پارہ:30، اَلشَّمْس:10)
ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ جنهن نفس کي پاڪ ڪري ورتو اهو ڪامياب ٿي ويو. ۽ بيشڪ جنهن نفس کي گناهن ۾ لڪائي ڇڏيو اهو ناڪام ٿي ويو.
پيارا اسلامي ڀائرو! هن آيتِ ڪريمه ۾ صاف صاف فرمايو ويو ته ڪامياب اهو ئي آهي جيڪو پنهنجي نفس کي سڌاري وٺندو آهي ۽ جيڪو ان کي نه سڌاري سگهي، اهو ناڪام ۽ نامُراد آهي.
صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنۡهم جو هڪ لشڪر جنگ کان واپس آيو ته الله پاڪ جي