Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan
ڪاش! اسان کي عاجزي نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان پنهنجو پاڻ کي ڪجھ سمجهڻ ڇڏي ڏيون، ڪاش! مٿو جهڪائڻ، پنهنجو پاڻ کي بلڪل بيڪار، ڪنهن نه ڪم جو سمجهڻ ۽ پوءِ ان جي مطابق نهايت عاجزي سان زندگي گذارڻ نصيب ٿي وڃي.
عاجزي ۽ انڪساري سان رِفعت (بلندي) ملندي آهي
هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: آخري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَا تَوَاضَعَ اَحَدٌ لِلّٰہِ اِلَّا رَفَعَہُ اللہُ جيڪو به الله پاڪ جي لاءِ عاجزي اختيار ڪندو آهي الله پاڪ ان کي بلندي عطا فرمائي ڇڏيندو آهي. ([1])
هڪ حديثِ پاڪ ۾ فرمايائون: اَلتَّوَاضُعُ لَا یَزِیْدُ الْعَبْدَ اِلّا رِفْعَۃً فَتَوَاضَعُوْ ا یَرْفَعَکُمُ اللہُ عاجزي ٻانهي کي صرف بلندي ئي عطا ڪندي آهي، بَس عاجزي ڪندا ڪريو! الله پاڪ توهان کي بلند رتبو عطا فرمائي ڇڏيندو. ([2])
پنهنجو پاڻ کي ڪجھ نه سمجهو...!!
پيارا اسلامي ڀائرو: هي جيڪا پنهنجو پاڻ کي ڪجھ سمجهڻ واري عادت آهي، هي نهايت بُري آهي، هيءَ عادت ئي آهي جيڪا اسان کي عاجزي اپنائڻ ناهي ڏيندي...!! حقيقت ۾ ڏسون ته اسان ڪجھ به نه آهيون، اسان جي حقيقت ڇا آهي؟ اسان مٽيءَ مان بڻيا آهيون، آخر ۾ ٻيهر مٽي ٿي وينداسين. بابا بُلي شاھ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا:
مِٹّی دَا تُوْںْ، مِٹّی ہَوْنَا، کَاہَدِی بَلّے بَلّے
اَجْ مِٹِّی دَے اُتَّے بَنْدِیا، کَل مِٹِّی دے تَھلَّے