Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan
سبحانَ الله! ڇا شان آهي...!! وقت جا خليفه آهن، اڌ دنيا جا اڪيلا حڪمران آهن، ان جي باوجود ڪو پروٽوڪول ناهي، ڪو اهتمام ناهي، سادي چادر آهي، وڻ تي ٽنگرائِن ٿا ۽ ان جي ڇانوَ ۾ ويهي رهن ٿا. هي اسان جي بزرگن جون ادائون آهن، خبر ناهي اسان کي ڪٿان پروٽوڪول جي عادت پئجي وئي آهي* مڱڻين شادين وغيره دعوتُن ۾ اسان جو سُٺي طريقي سان استقبال نه ٿئي ته اسان کي مزو ناهي ايندو*ويهڻ جي لاءِ سُٺي جڳھ نه ڏني وڃي ته منهن خراب ڪري ڇڏيندا آهيون يعني بُرو سمجهندا آهيون*جيڪڏهن ڪو اڳتي وڌي ڪري اُٿي ادب سان سلام نه ڪري ته دل ۾ بُرا بُرا خيالات اچڻ شروع ٿيندا آهن* ڪو اسان جي شان جي خلاف جملو چئي وجهي ته اسان ڪاوڙ ۾ ڳاڙها ٿي ويندا آهيون. ڪاش! عاجزي ملي وڃي.
دل سے غرور نکلے، بہر حضور نکلے یارب! مجھے بنادے پیکر تو عاجزی کا
حضرت اَحۡنَف رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مان فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه سان گڏ هيس، ايتري ۾ هڪ شخص حاضر ٿيو ۽ ان پنهنجي ڪنهن حاجت جو سوال ڪيو، حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان وقت ڪنهن وجھ سان جلال ۾ هئا، سندن هٿ ۾ دُرّو (ڪَوڙو) هو، سندن اهو ڪَوڙو ان شخص جي مٿي تي هنيائون ۽ ان کي ڇِڙٻ ڏنائون.
اهو شخص مايوس ٿي ڪري واپس هليو ويو، اڃان ٿورو ئي وقت گذريو هو، حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جن فرمايو: ان شخص کي مون وٽ سڏي اچو! سو ان کي حاضر ڪيو ويو. پاڻ ڪَوڙو ان شخص کي ڏنائون ۽ فرمايائون: مون سان خطا ٿي، پنهنجو بدلو وٺو...!!
ان شخص عرض ڪيو: سائين مان الله پاڪ جي رضا جي لاءِ معاف ڪريان ٿو. فرمايائون: سوچي وٺو! واقعي الله جي رضا جي لاءِ معاف ڪري رهيو آهين