Farooq e Azam ki Ajziyan

Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan

تیل کی بُوندیں ٹپکتی نہیں بالوں سے رضا                                صبحِ عارِض پہ لُٹاتے ہیں ستارے گیسو

وضاحت: اي رضا! پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي زلف مبارڪ مان جيڪي تيل جا ڦُرا ٽِمي رهيا آهن، مونکي ته هي منظر ايئن لڳي رهيو آهي جيئن تارن سان ڀريل رات مصطفٰي جي چهري تي، والضُّحٰي واري چهري تي تارا نڇاور ڪري رهي آهي. مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ  جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.

 

آؤ مَدَنی قافِلے میں ہم کریں مل کر سفر                                                      سنّتیں سیکھیں گے اِس میں اِنْ شَآءَ اللہ سر بَسَر

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

 دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ 6 درود شريف ۽ 2 دعائون

)1( جمعه جي رات جو دُرُود 

اَللّٰھُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِكْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ

الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِ الْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَ عَلٰی اٰلِہٖ وَ صَحْبِہٖ وَ سَلِّمْ

 بزرگن فرمايو آهي ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت