Farooq e Azam ki Ajziyan

Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan

ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  پنهنجي خادمين سان پنهنجي ڪم ۾ هٿ ونڊائيندا هئا، بازار مان پنهنجو سامان پاڻ کڻي ايندا هئا ۽ ڪنهن ٻئي کي کڻڻ جي لاءِ نه چوندا هئا. ([1])

تِری سادگی پہ لاکھوں تِری عاجزی پہ لاکھوں                                   ہوں سلام عاجزانہ مدنی مدینے والے([2])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد   

سڄي عزت  الله ۽ رسول جي آهي

 هڪ ڀيرو حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه ملڪِ شام ڏانهن تشريف کڻي ويا ته حضرت سَيدُنا اَبُوعبيده بن جَرّاح رَضِىَ اللهُ عَنۡه به پاڻ سان گڏ هئا، ٻئي هڪ اهڙي هنڌ تي پهتا، جتي گوڏن تائين پاڻي هو، پاڻ پنهنجي ڏاچيءَ  تي سوار هئا، ڏاچيءَ تان لٿا ۽ پنهنجا جورابَ لاهي پنهنجي ڪلهي تي رکي ورتا، پوءِ ڏاچيءَ جو لغام پڪڙي پاڻي ۾ داخل ٿي ويا، هي انداز ڏسي ڪري حضرت اَبُوعبيده رَضِىَ اللهُ عَنۡه عرض ڪيو: اي اميرُالمؤمنين۔۔۔!! هتان جا ماڻهو اوهان کي هن حالت ۾ ڏسن، مون کي اهو بلڪل به پسند ناهي.

   حضرت عُمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جن ارشاد فرمايو: اي اَبُوعُبيده! جيڪڏهن اها ڳالھ اوهان کان علاوه ڪو ٻيو ڪري ها ته مان ان کي نشانِ عبرت بڻايان ها، ياد رکو! اسان هڪ غريب قوم هئاسين، پوءِ الله پاڪ اسان کي اسلام جي ذريعي عزّت عطا فرمائي، بَس جيڪڏهن اسان اسلام کان علاوه ڪنهن ٻئي کان عزّت حاصِل ڪرڻ چاهينداسين ته الله پاڪ اسان کي رُسوا ڪري ڇڏيندو. ([3])

 پيارا اسلامي ڀائرو! هي به هڪ سبق آهي...!! اڄ اسان وٽ ماڻهو غير مسلمن جا طور طريقا اپنائڻ کي عزت سمجهندا آهن، سنت جي مطابق لباس پائڻ ماڻهن


 

 



[1]...مدارج النبوۃ(مترجم)، جلد:1، صفحہ:66۔

[2]...وسائلِ بخشش، صفحہ:426۔

[3]...مستدرک، کتاب الایمان، قصۃ خروج عمر الی الشام...الخ، جلد:1، صفحہ:236، 237، حدیث:214۔