Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan
مشهور مفسرِ قرآن مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث جي حوالي سان فرمائن ٿا: هن جو مطلب آهي ته معمولي لباس، ڦاٽل پراڻن ڪپڙن کان شرم ۽ ڪراهت نه هجڻ ڪڏهن ڪڏهن پائي به وٺڻ مومن مُتقي جي علامت آهي، هميشه اعليٰ درجي جا ڪپڙا پائڻ جو عادي بڻجي وڃڻ جو معمولي لباس پائڻ ۾ شرم اچي هي طريقو تڪبر وارن جو آهي، ايمان مان مُراد ڪمال ايمان آهي. ([1])
فاروقِ اعظم جي تڪبر جي نحوست کان پاڪيزگي
پيارا اسلامي ڀائرو: اَميرُ المؤمنين حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جتي عاجزي ۽ انڪساري جا پيڪر هئا اتي پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه تڪبر جهڙي نحوست کان به پاڪ ۽ صاف هئا. ڇوته تڪبر هي آهي ته ماڻهو پاڻ کي ٻين کان وڏو سمجهي ۽ ٻين کي پاڻ کان حقير سمجهي. تڪبر جو انجام ذلت ۽ خواري آهي جيڪو تڪبر ڪندو يقيناً ذليل ٿيندو.
تَکَبُر عَزَازِیْل رَا خُوَارْ کَرَدْ بَزَنْدَانِ لَعْنَتْ گِرِفْتَار کَرَدْ
وضاحت: تڪبر عزازيل (شيطان) کي ذليل ۽ خوار ڪري ڇڏيو ۽ ان کي لعنت جي جيل خاني ۾ گرفتار ڪري ڇڏيو.
پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي مسلمانن جي پهرين خليفي اَميرُ المؤمنين حضرت ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان بعد امت ۾ سڀ کان افضل ۽ بهتر هجڻ جي بارگاھِ رسالت کان سند عطا ٿي پر پاڻ ڪڏهن فخر نه ڪيائون ۽ نه ئي ڪنهن مسلمان کي حقير سمجهيائون. بلڪه ڪڏهن ڪڏهن پاڻ ٻين مسلمانن کي پاڻ کان بهتر فرمائيندا هئا. جيئن ته حضرت ابو رافع رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي فرمائن ٿا ته هڪ ڀيري اَميرُ المؤمنين حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه منهنجي ويجهو کان گذريا ته مان قرآنِ پاڪ جي خوبصورت لهجي ۾ تلاوت ڪري رهيو هيس، پاڻ