Farooq e Azam ki Ajziyan

Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan

سائين! اوهان نه کڻو! اسان هي ڪم ڪري ٿا وٺون. فرمايائون: اِنَّ نَفْسِیْ اَعْجَبَتْنِیْ فَارَدْتُّ اَن اُذِلَّہَا يعني منهنجي نفس مونکي خودپسندي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ته مون ان کي ذليل ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ورتو. ([1])

   الله اڪبر! ڪٿي حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جهڙي بلند رتبي واري شخصيت ۽ ڪٿي خودپسندي جهڙي بُري باطني بيماري...!! خودپسندي ته سندن ويجهو کان به نه گذري هوندي پر هي حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ڪمال عاجزي آهي، پاڻ وقت جا خليفه هئا، تنهنڪري ڊڄندا هئا ته هن منصب جي وجھ سان ڪٿي سندن خودپسندي ۾ مبتلا نه ٿي وڃن، تنهنڪري هن طرح جي ڪمال عاجزي واريون ادائون اپنائيندا هئا.

اسان جون بنا عاجزي واريون عادتون

   ڪاش! اسان کي به عاجزي ۽ انڪساري نصيب ٿي وڃي*اسان ته خليفه به نه آهيون*ڪو منصب به نه آهي*عهدو به اسان وٽ نه آهي*تمام وڏا عبادت گذار به نه آهيون*ڪي وڏا عالِم ۽ فاضل به نه آهيون*جيڪڏهن ڪڏهن آئيني جي سامهون بيهي ڪري غور ڪيون*انصاف سان پنهنجو پاڻ جي تلاشي وٺون ته شايد هڪ به فضيلت واري ڳالھ پنهنجي اندر نظر نه اچي پر افسوس! آهيون ته گناهه جو گهر پر خبر ناهي پنهنجو پاڻ کي ڇا سمجهي ويٺا آهيون*هڪ گلاس پاڻي جو پاڻ اٿي ڪري پيئڻ پسند ناهي هوندو*گهر ۾ ڪپڙا استري نه هجن ته دانهون ڪندا آهيون، رڙيون ڪندا آهيون، ڪاوڙ ڏيکاريندا آهيون*وقت تي کاڌو نه ملي ته ڪاوڙ ۾ منهن ڳاڙهو ٿي ويندو آهي، نوڪر چاڪر آهن يا ناهن، البت خواهش هوندي آهي ته مان بس ڪُرسي تي ويهان، اڳيان پٺيان نوڪر هجن، منهنجو سمورو ڪم ڪن ۽ مان نواب بڻجي ڪري آرام ڪندو رهان.


 

 



[1]... المجالسۃ و جواہر العلم، جز:17، جلد:2، صفحہ:385، رقم:2423۔