Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan
کي چڱو ناهي لڳندو، پنهنجي طور تي پنهنجي عزت ٺاهڻ ۽ بچائڻ جي خاطر ماڻهو سنت کي ڇڏي ڏيندا آهن، فيشن پرست کي ماڊرن سمجهيو ويندو آهي، هن دور ۾ فيشن اپنائڻ کي براٽ مائنڊ (يعني روشن خيال) هجڻ سمجهندا آهن پر ياد رکو! هي حقيقت ۾ عزت نه بلڪه ذلت آهي. الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ لِلّٰهِ الْعِزَّةُ وَ لِرَسُوْلِهٖ (سيپارو: 28، المنٰفقون: 8)
ترجموڪنزُالعرفان: حالانڪه عزت ته الله ۽ ان جي رسول جي لاءِ آهي.
سموري عزت الله ۽ رسول وٽ آهي، جنهن کي به عزت ملندي، الله ۽ رسول وٽان ئي ملندي، ان کان علاوه جيڪڏهن اسان ڪنهن ٻئي وٽان عزت ڳولڻ نڪرنداسين ته عزت نه ملندي، ابتو ذلت جي اونهي کاهيءَ ۾ وڃي ڪِرنداسين. اڄ ڏسو! حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ڪهڙي عزت آهي، وڏن وڏن جا سر سندن نالي تي جُهڪي ويندا آهن، پنهنجا ته پنهنجا پر پراوا به سندن نالو ادب سان وٺندا آهن. هي عزت سندن ڪٿان ملي، الله ۽ رسول جي فرمانبرداري سان ملي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ادائن اپنائڻ سان ملي، الله ۽ رسول جي حضور عاجزي اپنائڻ سان نصيب ٿي.
اسان کي به گهرجي ته عاجزي اختيار ڪريون، تڪبر، خودپسندي، پنهنجي انا ۾ رهڻ کان پري رهون، بندگي جو اصل معيار ئي عاجزي آهي، تنهنڪري حقيقي ٻانهو اهو ئي آهي جيڪو عاجزي اختيار ڪري ٿو، تنهنڪري * عاجزي جا فضائل پڙهو * پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سيرت پاڪ جو مطالعو ڪريو! * قبرستان جي حاضري ڏيڻ جي عادت بڻايو! * دل ۾ خوفِ خدا وڌايو! * تڪبر، خودپسندي وغيره جي نقصانن جو مطالعو ڪريو! * عاجزي وارو انداز اختيار ڪريو! جيئن: سلام ۾ پهل ڪريو! * ٻين کي