Farooq e Azam ki Ajziyan

Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                  جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

زلفن ۽ مٿي جي وارن جون سنّتون ۽ آداب

 فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : جنهن جا وار هجن اهو انهن جي عزت ڪري. ([2])يعني انهن کي ڌوئي، تيل لڳائي ۽ ڪنگو ڪري.

پيارا اسلامي ڀائرو! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا زلف ڪڏهن نِصف (يعني اڌ) ڪن مبارڪ تائين * ڪڏهن ڪن مبارڪ جي لَو تائين ۽ * ڪڏهن ڪڏهن وڌي ويندا هئا ته مبارڪ ڪلهن کي جهومي جهومي ڪري چمڻ لڳندا هئا * اسان کي گهرجي ته ڪڏهن ڪڏهن ٽئي سنّتون ادا ڪيون، يعني ڪڏهن اڌ ڪن تائين ته ڪڏهن پوري ڪن تائين ته ڪڏهن ڪلهن تائين زلف رکون
 * ڪجھ ماڻهو ساڄي يا کاٻي پاسي سينڌ ڪڍندا آهن هي سنّت جي خلاف آهي * سنّت هي آهي ته جيڪڏهن مٿي تي وار هجن ته وچان سينڌ ڪڍي وڃي * مرد کي اختيار آهي مٿي جا وار ڪٽرائي يا وڌائي ۽ سينڌ ڪڍي * حضرت اَنس رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  اڪثر سَرِ اقدس ۾ تيل لڳائيندا ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ اڪثر ڪنگو ڪندا ۽ اڪثر مٿي مبارڪ تي ڪپڙو (يعني سربند شريف) رکندا هئا ايستائين جو اهو ڪپڙو تيل سان آلو ٿي ويندو هو. [1]


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔

[2]... ابو داؤد، کتاب الترجل، باب فی اصلاح الشعر، صفحہ:653، حدیث:4163 ۔