Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan
ٻڌي ڪري ارشاد فرمايائون: یَا اَبَا رَافِعْ! لَاَنْتَ خَیْرٌ مِّنْ عُمَرَ تُؤَدِّیْ حَقَّ اللہِ وَحَقَّ مَوَالِیْكَ يعني اي ابو رافع! يقيناً تون عُمر کان بهتر آهين جو تون الله پاڪ جا حقوق ۽ پنهنجي آقا جا حقوق چڱي طرح ادا ڪرين ٿو. ([1])
نگاهِ خیرِ بشر کا ہے انتخاب، عمر ہے عَزم و ہمت و عدل و وفا کا باب، عمر
یونہی نہیں ہیں ولایت کا آفتاب، عمر ہیں بارگاہ نبوت سے فیضیاب،عمر
کہا حضور نے ہوتے اگر نبی باقی خدا کا ہوتے بلاریب انتخاب،عمر
علم جہان میں اسلام کا بلند کیا جہان بھر میں یوں لے آئے انقلاب،عمر
تمام عمر نہ راحت انہیں میسر ہو ہوں دشمن آپ کے جل بھن کے یوں کباب، عمر
وسیله شہِ بطحا نگاهِ لطف و کرم کہ حال آپ کے ازہر کے ہیں خراب،عمر
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو
پيارا اسلامي ڀائرو! دل ۾ عشق رسول وڌائڻ سُنّتن تي هلڻ، نيڪ نمازي بڻجڻ جي لاءِ عاشقان رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو! ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ به آهي. قرآنِ مجيد سکڻ تمام فضيلت وارو ڪم آهي: احاديث ۾ هن طرح مضمون آهي: صبح هن حال ۾ ڪيو جو يا ته توهان عالم هجو يا علم دين جا طالب.[2] * هڪ روايت جي مطابق صبح جي