Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan
عزت بخشي، الله پاڪ بُلند ڪيو آهي، قيامت جي ڏينهن الله جي بارگاھ ۾ ان جو حساب ڪيئن ڏيندين...؟ ڪاش! اسان کي به هيءَ سوچ نصيب ٿي وڃي، ڪاش! الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضري جو خوف ملي وڃي، پوءِ ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ڀاڳ ئي ڀلا ٿي ويندا.
فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه غلامن جو هٿ ونـڊائيندا هئا
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه تمام وڏا خليفه هئا، اڌ دنيا جا اڪيلا حڪمران هئا، ان جي باوجود انداز عام مسلمانن وارو رکندا هئا، سندن عادت هئي ته هر هفتي ڳوٺن جي علائقن ۾ ويندا، باغن ۽ فصلن جو جائزو وٺندا، اتي ڪم ڪرڻ وارن غلامن ۾ جيڪڏهن ڪو اهڙو غلام هوندو هو جنهن کي وزن کڻڻ ۾ مُشڪل پيش ايندي هئي ته ان جي مدد ڪرڻ ۾ بلڪل به شرمائيندا نه هئا بلڪه اڳتي وڌي ڪري انهن جو وزن کڻائيندا هئا. ([1])
اهي خوش نصيب ماڻهو جيڪي راھِ خُدا ۾ سفر تي هوندا هئا، حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه انهن جي گهر وارن جو خيال رکندا، انهن جي گهر ويندا، ڪنهن شيءِ جي ضرورت هوندي هئي ته فراهم ڪندا، ايستائين جو بازار وڃي ڪري خود انهن جو سودو سامان به خريد ڪري آڻي ڏيندا هئا. ([2])
اَپاهج، نابينا، پوڙهي عورت جي مدد
حضرت امام اَوزاعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان روايت آهي ته هڪ ڀيري رات جي وقت اَميرُ المؤمنين! حضرت عُمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه پنهنجي گهران نڪتا ته حضرت طلحه بن عُبيدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه انهن کي ڏسي ورتو ۽ لِڪي لِڪي انهن جو پيڇو