Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan
راتين جو جاڳندا، رڪوع ۽ سجود ڪندا، ڏينهن رات خشوع ۽ خضوع سان روئندا هيا، ايتري تائين جو الله پاڪ کين پنهنجي رحمت ۽ رضوان جي طرف گهرايو. حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جون اهي فڪرِ آخرت واريون، عشقِ رسول واريون ڳالهيون ٻڌي عرض ڪرڻ وارا واپس هليا ويا ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ آخري وقت تائين سادگي ۽ عاجزي وارو لباس پائڻ جاري رکيو. ([1]) اللہ پاڪ اسان کي به سادگي نصيب فرمائي! پائڻ ۾ سادگي، کاڌي ۾ سادگي، چال چلت ۾ سادگي، ڳالهائڻ ٻڌڻ ۾ سادگي، هرلحاظ کان زندگي ۾ سادگي هجڻ گهرجي، ان سان وقار وڌي ٿو.
پيارا اسلامي ڀائرو: حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرتِ طيبه جي هن مبارڪ پهلو ۾ نصيحتن جا ڪيئي مدني گُل آهن، جيتوڻيڪ سُٺو لباس پائڻ ۾ ڪو حرج ناهي بلڪه سُٺي نيتن سان اجر ۽ ثواب جي اميد آهي، پر اهڙو لباس پائڻ کان بچڻ نهايت ضروري آهي جنهن کي پائي ڪري غرور ۽ تڪبر ۾ مبتلا ٿيڻ جو انديشو هجي، جنهن کي پائي ڪري دل ۾ پنهنجي عزت وڌڻ جي خواهش پيدا ٿئي جو منهنجو لباس ڏسي ڪري ماڻهو منهنجي عزت ڪن، جيئن ته فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: کُهرو ۽ سوڙهو لباس پائيندا ڪيو ته جيئن عزت افزائي ۽ فخر کي توهان ۾ ڪا جڳھ نه ملي.[2]
فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: ادنيٰ درجي جو لباس پائڻ ايمان مان آهي. (يعني الله پاڪ جي لاءِ تواضع ڪندي اعليٰ لباس ترڪ ڪرڻ ۽ ادنيٰ لباس کي ترجيح ڏيڻ ايمان جي علامت آهي.)