Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan
پيارا اسلامي ڀائرو: اسان حضرت مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جو فرمانِ ذيشان ٻڌو، سندن تمنا هئي ته منهنجو نامهءِ اعمال به اهڙو ئي هجي، جهڙو فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو آهي. ڪاش! هي خوبصورت تمنا اسان کي به نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان به فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرت تي عمل ڪرڻ وارا، انهن جهڙا اخلاق ۽ ڪردار اپنائڻ وارا بڻجي وڃون.
بیشک مئے توحید سے سرشار عمر ہیں ہے سب کو پتہ پر تَوِ سرکار عمر ہیں
سیرت میں نمایاں ہیں شہِ دین کے جلوے اخلاص کا پیکر ہیں! وفادار عمر ہیں
وضاحت: بيشڪ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه الله پاڪ جي توحيد ۾ ٻڏل، اخلاص و وفا جا پيڪر، سنتن جا اهڙا پابند آهن جو سندن سيرت مبارڪ ۾ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زندگي جا جلوا نظر ايندا آهن، تڏهن ته سڀني کي خبر آهي ته پاڻ نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو عڪس آهن. يقيناً حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرتِ پاڪ کي پڙهڻ، ان مان روشني وٺڻ نهايت ضروري آهي. الحمدلله! دعوتِ اسلامي جي علمي ۽ تحقيقي شعبي المدينةُ العلميه (اسلامڪ ريسرچ سنٽر) سندن سيرت تي نهايت ئي جامع ڪتاب: فيضانِ فاروقِ اعظم لکيو آهي، 2 جلدن تي ڪافي وڏو ڪتاب آهي. مڪتبةُ المدينه تان ملي سگهي ٿو، ان کي خريد ڪيو! يا پوءِ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان ڊائون لوڊ ڪيو! ان کي پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ ان جي ذريعي سان حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرت، سندن اخلاق، ڪردار، عادتن جي معلومات وٺي ڪري، انهن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش فرمايو!
نفس جي وسوسي جي حيرت انگيز ڪاٽ
حضرت عُمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خلافت جو دور هو، هڪ ڏينهن پاڻ اوچتو جنگ جو اعلان ڪرايو ته سڀ ماڻهو مسجد ۾ جمع ٿي وڃن. سو جلد ئي سڀ ماڻهو مسجد ۾ جمع ٿي ويا، هاڻي فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جن منبر تي