Farooq e Azam ki Ajziyan

Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan

پاڻ کان بهتر سمجهو! * جڏهن به دل ۾ تڪبر ۽ خودپسندي وارو خيال اچي، پنهنجن گناهن کي ياد ڪريو! * قبر ۽ آخرت جو تصور رکو! * جيترو ٿي سگهي پنهنجا ڪم پنهنجي هٿن سان ڪرڻ جي عادت بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! عاجزي نصيب ٿيندي ۽ تڪبر ۽ خودپسندي جهڙيون بريون باطني بيماريون ختم ٿي وينديون. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

 اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

عرب ۽ عجم جي خليفي جو  لباس

 هڪ روايت آهي: هڪ ڀيرو مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي خدمت ۾ عرض ڪيو ويو: هاڻي توهان امير المؤمنين آهيون، الله پاڪ توهان جي هٿن تي قيصر ۽ ڪسريٰ جون حڪومتون فتح ڪري ڇڏيون آهن، گذارش آهي ته توهان سٺو قيمتي لباس پائيندا ڪيو! عمده عمده کاڌا کائو! جيئن توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ وارن تي توهان جو رعب طاري رهي. اهو ٻڌي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْهُ زاروقطار روئڻ لڳا. پوءِ عرض ڪرڻ واري کي فرمايو: ڇا حضور نبي رحمت، شفيعِ امت صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ڪڏهن ٽي ڏينهن مسلسل پيٽ ڀري کاڌو کاڌائون؟ ڇا پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم ڪڏهن زمين کان مٿي کاڌي جي ميز لڳرائي؟ پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ته زمين تي کاڌي جو برتن رکائيندا هئا. وڌيڪ فرمايائون: منهنجي علم ۾ آهي ته الله پاڪ جي نبي، مڪي مدني صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم هميشه اُون جو جُبّو پاتو جنهن جي سختيءَ کان سندن مبارڪ جسم ڪڏهن ڪڏهن زخمي ٿي ويندو هو. پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم جي گهر ۾ جيڪا ڏينهن ۾ هڪ چٽائي ۽ رات ۾ بسترو رکيو ويندو هو، اهو ايترو  کُهرو هوندو هو جو پاڻ  صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم  جي مبارڪ جسم تي ان جا نشان پئجي ويندا هئا، پاڻ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَ سَلَّم  اهڙي طرح زندگي گذاري جو