Farooq e Azam ki Ajziyan

Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan

پردو فرمائي چڪا هئا، ان وقت زندھ ماڻهن ۾ سڀني کان افضل حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه ئي هئا، جڏهن اهڙي حالت هجي، انسان ايڏي وڏي مرتبي تي پهتل هجي ته ڪڏهن نه ڪڏهن دل ۾ خيال اچي ئي ويندو آهي ته مان ايڏي وڏي مرتبي وارو آهيان پر قربان وڃو! حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سوچ ڪيتري اعليٰ هئي، پاڻ نفس جي چالن ۽ شرارتن جي ڪيتري قدر ڄاڻ رکندا هئا جو ٿورو خيال ئي آيو، ان کان پهريان جو هي خيال خودپسندي اختيار ڪري ها، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  فوراً وڏي ميڙاڪي ۾ بيهي ڪري پنهنجي ماضي کي ياد ڪيو ۽ نفس کي هي ٻڌائي ڇڏيو ته اي نفس! اڄ جيڪو رتبو توکي مليل آهي، ان تي غرور نه ڪجانءِ، هي سڀ الله پاڪ جي ڪرم نوازي آهي، ان جي عنايت آهي، هميشه ان جي بارگاھ ۾ عاجزي ڪندي شڪر جو مٿو جهڪيل رکجانءِ.

دوسرے بر حق خلیفہ نائبِ میرِ حجاز                                                        شوکتِ اسلام کا وہ اک نشانِ امتیاز

نامِ نامی تھا عمر جن کا، لقب فاروق تھا                                              پیکرِ عَزم و حَمِیّت، صاف ظاہر پاکباز

نفس جي شرارَتُن کان بچندا ڪيو

   پيارا اسلامي ڀائرو! هن ۾ اسان جي لاءِ به سبق آهي. پهريان ته اسان کي نفس جي اهڙين چالن جي خبر ئي ناهي هوندي، حال هي آهي ته اسان گناھگار آهيون *اسان جو مقام اهو ناهي جيڪو حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو هو*اسان جون عبادتون ان درجي جون ناهن، جنهن درجي جون فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جون هيون*اسان جو ڪردار اهڙو ناهي، جهڙو فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو هو*اسان جا اخلاقَ اهڙا ناهن، جهڙا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جا هئا*دنياوي  اعتبار سان به اسان جو مقام، مرتبو، عزت، شهرت ان درجي جي ناهي، جنهن درجي جي حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي هئي، ان جي باوجود اسان جو حال بي حال آهي، نفس چالون کيڏي ٿو، انهن چالن کان بچڻ ته پري جي ڳالھ آهي،