Farooq e Azam ki Ajziyan

Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan

ڪرڻ لڳا ته ڏسان اميرُ المؤمنين! هن وقت ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن؟ حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه هڪ گهر ۾ داخل ٿيا. ڪجھ دير کان پوءِ ٻاهر آيا ۽ وري هڪ ٻئي گهر ۾ داخل ٿي ويا. حضرت طلحه بن عُبيدُ الله رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان گهر کي ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو ۽ صبح ان گهر ۾ ويا ڏٺائون ته ان گهر ۾ هڪ پوڙهي، اپاهج نابينا خاتون رهندي آهي.[1]

 سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيتري ڪمال جي ڳالھ آهي، وقت جو خليفو پاڻ هلي ڪري ماڻهن جي مدد ڪري ٿو، بازار مان سودو سامان آڻي ڏي ٿو. غريبن، بي سهارن جي مدد ڪري ٿو ۽ ان ۾ پنهنجو شان گهٽجڻ نٿو سمجهي...!!

   هيءَ خيرخواهي آهي، ڪاش! اسان کي به اهڙي توفيق نصيب ٿي وڃي، سچي ڳالھ اها آهي ته افسوس اسان جو عمل اهڙو ناهي، مان...!! فلاڻو بن فلاڻو، ايڏي وڏي مرتبي وارو پاڻ پنهجي ڪُلهن تي سامان کڻي ڪري فلاڻي کي ڏيان، ائين ٿي نه ٿو سگهي...!! خبر ناهي ڇو اڳتي وڌي ڪري ٻين جي مدد ڪرڻ بلڪه پنهنجي ئي گهر جو سودو سامان وغيره بازار مان وٺي اچڻ اسان پنهنجي شان جي خلاف سمجهندا آهيون. الله پاڪ اسان کي هدايت ڏي، ٻين جي ڪم اچڻ، پنهنجي گهر وارن کي، غريبن بي سَهارن جا ڪم پنهنجي هٿن سان ڪرڻ، هي به وڏي سعادت آهي.

پياري آقا جي بيمثال عاجزي

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي مبارڪ ادا به اها ئي هئي ته پنهنجو پاڻ بازار وڃي ڪري سودو وغيره پنهنجي مبارڪ ڪلهن تي رکي کڻي ايندا هئا جيئن شيخ عبدالحق محدث دهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  لکن ٿا: نبي


 

 



[1] حلیۃ الاولیا، جلد:1، صفحہ:84۔