Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔ ([1])
اي عاشقانِ رسول! چڱي نيت ٻانهي کي جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو، مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنۡ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو: * عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ايمان افروز دعا
حضرت علي بن حُسين رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري جمعي جي اجتماع ۾ مسلمانن جي چوٿين خليفي حضرت مولا علي شيرِ خُدا رَضِىَ اللهُ عَنۡه جن هيئن دعا گهري:
اَللّٰہُمَّ اَصْلِحْنَا بِمَا اَصْلَحْتَ بِہِ الْخُلَفَاءَ الرَّاشِدِیْن
اي پيارا الله پاڪ! اسان جي اهڙي اصلاح فرماءِ جهڙي تو خُلفاءِ راشدين جي فرمائي.
جمعي کان بعد بنو هاشم جو هڪ نوجوان مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: اي اميرُ المؤمنين! اوهان دعا گهري هئي: الٰهي! تو جهڙي خُلفاءِ راشدين جي اصلاح فرمائي، اسان جي به اهڙي اصلاح فرماءِ.