Farooq e Azam ki Ajziyan

Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan

وقت قرآنِ مجيد جي هڪ آيت سکڻ 100 رڪعت نفل پڙهڻ کان بهتر آهي.[1] * اَلحَمۡدُلله! دعوت اسلامي وارا عاشقانِ رسول فجر جي نماز کان بعد تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو لڳائيندا آهن.* هن ۾ 3 قرآني آيتون. * ان جو ترجمو ۽ تفسير ٻُڌي، ٻڌائي ويندي آهي. * فيضانِ سُنّت مان درس ٿيندو آهي.* شجرو شريف پڙهيو ويندو آهي. * دعا ٿيندي آهي ۽ آخر ۾ اشراق، چاشت جا نفل به ادا ڪيا ويندا آهن. * اوهان به تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جي حلقي ۾ شريڪ ٿيڻ جي عادت بڻايو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ ساريون برڪتون ملنديون. حديث شريف جي مطابق جيڪو صبح جي وقت مسجد ۾ نيڪي سکڻ وڃي، ان کي عُمري جو ثواب ملندو آهي.[2] * صبح جو وقت نيڪين ۾ گذرندو ته برڪت ملندي. * سڄو ڏينهن سٺو گذرندو. * صبح صبح علم دين سکڻ جو موقعو نصيب ٿيندو* شجري شريف جي صورت ۾ نيڪ ٻانهن جو ذڪر ٿيندو. *  انهن جي محَبّت دل ۾ ويهندي. * اولياءِ ڪرام رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡهم جي روحاني توجھ ملندي * ايمان تازو ٿيندو * ان جي وسيلي سان ڪيل دعائون اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! پوريون ٿينديون * هڪ وڏي برڪت اها آهي ته نماز فجر کان نماز اشراق تائين مسجد ۾ رڪڻ سُنّتِ مصطفيٰ آهي ان تي عمل جي سعادت ملي ويندي. * حديث پاڪ جي مطابق جيڪو فجر جي نماز کان بعد ذڪرُالله ۾ مشغول رهي، پوءِ اشراق، چاشت جا نفل پڙهي، ان کي جهنم جي باھ نه ڇُهندي.[3]

ويزائون ملي ويون

هڪ اسلامي ڀاءُ تقريباً 14 سال کان ٻاهرين مُلڪ ۾ مُقِيم هو۔ انهن کي هڪ ڀيري پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي ضَرورت پئي۔ انهن ويزائن جي لاءِ ڪيئي ڀيرا درخواستون جمع ڪرايون پر ڪافي ڪوشِشن جي باوُجود


 

 



[1] ابن ماجہ، باب فضل من تعلم القرآن و علمہ، صفحہ:48، حدیث:219 ۔

[2] مستدرک، کتاب العلم، باب من جاء المسجد...الخ، جلد:1، صفحہ:281، حدیث:317 ۔

[3] شعب الایمان، باب فی الصیام، جلد:3، صفحہ:420، حدیث:3957۔